سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يوم فضائيه اڄ ملھايو پيو وڃي، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شھباز شريف ۽ ٻين ملڪ لاءِ زندگيون قربان ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فضائيه آپريشن بنيان مرصوص ۾ پنھنجي مھارت ذريعي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
يوم فضائيه تي جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ چيو ته آپريشن بنيان المرصوص ۾ ايئر فورس دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو، قوم کي پاڪ فضائيه جي صلاحيتن تي فخر آھي.
وزيراعظم شھباز شريف يوم فضائيه تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪ فضائيه ثابت ڪيو آھي ته جذبي کي ڪڏھن به شڪست نٿي ڏئي سگھجي، پاڪستان ايئرفورس ھوائي جنگين ۾ دشمن تي پنھنجو ڌاڪو ڄمايو آھي.
سندس چوڻ ھو ته پاڪ فضائيه آپريشن بنيان مرصوص ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، دشمن کي تباھ ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي يوم فضائيه تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ تقريبن جو سلسلو به جاري آھي، ننڍن وڏن شھرن ۾تقريبون ڪوٺائي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.