بلاول ڀٽو زرداري پاران مريم نواز جي تعريف، پنجاب جي وزيراعليٰ گهڻي محنت ڪري رهي آهي: پيپلزپارٽي چيئرمين

فہرستِ مضامین

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ تازي ٻوڏ دوران مريم نواز شريف جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻو پوندو،  سندس چوڻ آهي ته وزيراعليٰ پنجاب  ڏکي وقت ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو، هوءَ تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي.

پنجاب ۾ ٻوڏ کان متاثر ضلعن جي دوري دوران  قصور ۾ آبادگارن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  تازي ٻوڏ جهڙي آفت جو مقابلو ڪا به مقامي يا صوبائي حڪومت نه ٿي ڪري سگهي، وفاق کي وڌيڪ سهڪار ڪرڻو پوندو.

زرعي ايمرجنسي لاڳوڪرڻ جو مطالبو

هن چيو ته صوبي پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، هتي پهچڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته ڪيتري وڏي تباهي ٿي آهي، وفاق کان درخواست آهي ته صوبي ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ سبسڊي ڏني وڃي.

پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ هارين جي بي پناهه نقصان سان گڏوگڏ زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، جڏهن ته زراعت اسان جي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي.

بلاول ڀٽو زرداري مقامي هارين کي يقين ڏياريو ته بجلي ۽ قرضن ۾ سهڪار بابت وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندس، اميد آهي ته وزيراعظم ان تي غور ڪندو.

پيپلزپارٽي سربراهه چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ هڪ عادت ٿي وئي آهي ته ماڻهو فوري تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا، پيپلزپارٽي جي نمائندن کي چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ پنجاب حڪومت جو ساٿ ڏين، اسان رليف ۽ بحالي جي مرحلن ۾ صوبائي حڪومت سان گڏ آهيون.

بي آءِ ايس پي ذريعي مدد جي درخواست

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻهن جي مدد جي درخواست ڪنداسين. هن چيو ته پهريون مرحلو ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته بحالي واري عمل دوران ماڻهن جي گهرن ۽ ڪاروبار جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي، ان جو تخمينو لڳايو ويندو ۽ اميد آهي ته ان جو ازالو به ڪيو ويندو.

چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي چيو ته اسان جي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ 20 لک گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو، جيڪو وفاق جي سپورٽ کان سواءِ ممڪن نه هو، وفاقي حڪومت ۾ هئڻ وقت اسان عالمي دنيا ۽ مالي ادارن سان ڳالهائي اهو منصوبو شروع ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته پنجاب سان گڏوگڏ خيبرپختونخوا ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ گلگت بلتستان ۾ گليشئرز پگھرجڻ سبب جيڪي نقصان ٿيو، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته انهن کي به سپورٽ ڪري، اميد رکان ٿو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي هن آفت کي منهن ڏينديون۔

ڀارت جي آبي دهشتگردي

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته تازي ٻوڏ انهن دريائن مان  آئي، جيڪي ڀارت کان پاڪستان ۾ اچن ٿا، نريندر مودي چيو هو ته اسان سنڌ طاس معاهدي کي نه مڃينداسين، هو واقعي سنڌ طاس معاهدي کي نه ٿو مڃي، جيڪڏهن ڀارت دريائن جو ڊيٽا وقت تي پاڪستان سان شيئر ڪري ها ته اسان اڳواٽ تياري ڪريون ها.

هن چيو ته ڀارت مڪمل معلومات پاڪستان سان شيئر نه ٿو ڪري، اهي انسانيت کي به وساري ويٺا آهن، آخري لمحن ۾ ٻڌائين ٿا ته اوترو پاڻي اچي رهيو آهي، اسان هن عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

چيئرمين پيپلزپارٽي چيو ته ڀارت کي مجبور ڪنداسين ته يا ته سنڌ طاس معاهدي کي مڃي يا وري درياهه واپس ڪري، عالمي قانونن موجب ڀارت تي فرض آهي ته هو معاهدي جو احترام ڪري، ڀارت پاڻيءَ وسيلي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، هي ظلم اسان برداشت نه ڪنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں