اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيھ صديقي جي آزادي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ لاءِ لارجر بينچ جوڙي وئي آھي.
ڊاڪٽر عافيھ صديقي جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي 4 رڪني بينچ ڪندي، ڊاڪٽر جسٽس ارباب طاھر جي سربراھي ۾ جوڙيل 4 رڪني بينچ 10 سيپٽمبر تي ڪيس ٻڌندي.
بينچ ۾ جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس راجا انعام امين منھاس بھ شامل آھن، پھرين سيپٽمبر تي جسٽس انعام امين منھاس چيف جسٽس کي ٻڌڻي لاءِ 4 رڪني بينچ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ھئي. ان کان اڳ ڪيس ۾ وزيراعظم شھباز شريف ۽ ڪابينه کي نوٽيس جاري ڪيا ويا ھئا.