ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ ۾ 7 کان 10 سيپٽمبر دوران وقفي وقفي سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جنھن سبب ڪراچي، حيدرآباد، شھيد بينظير ۽ ميرپورخاص سميت سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.
موسميات کاتي موجب ھوا جو گھٽ دٻاءُ ھن وقت ڀارتي رياست مـَڌيا پرديش ۾ آھي، ھوا جو گھٽ دٻاءُ 6 سيپٽمبر تي راجسٿان کان سنڌ جي علائقن ۾ پھچڻ جو امڪان آھي، ان نظام تحت سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ 6 سيپٽمبر کان تيز ھوائون داخل ٿينديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته 7 کان 10 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ خيرپور ۾ برسات جو امڪان آھي.
ان کان علاوه ڪراچي، شھيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ۾ به وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي
تيز برساتن سبب ڪراچي جا ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ ڇڏڻ جو خدشو آھي، تيز برساتن سبب جڏھن ته ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ حيدرآباد جي ھيٺانھين وارن علائقن ۾ به پاڻي بيھڻ جو امڪان آھي.
موسميات کاتي، بلوچستان جي ڪيترن ضلعن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ بھ 6 کان 8 سيپٽمبر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آھي ته برسات سبب پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي، برساتي نالن ۾ به چاڙھه جو خطرو آھي.