ڪراچي جي عدالت زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ملڪ رياض ۽ ٻين کي اشتھاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
نيب ڪورٽ ۾ 17 ھزار ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران ايس بي سي اي جو اڳوڻو سربراھ منظور قادر ڪاڪا، جاويد حنيف ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت طرفان ملڪ رياض، زين ملڪ ۽ علي رياض سميت 10 ڄڻن کي اشتھاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته جوابدارن خلاف قلم 87 ۽ 88 جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ستار اعواڻ پاران جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي.
ڊپٽي پراسيڪيوٽر چيو ته سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
جوابدار جي وڪيل چيو ته ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان اسٽي حاصل ڪيو آھي، نالو اي سي ايل ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري سگھجي.
عدالت نيب جي درخواست تي جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن.
عدالت ملڪ رياض، زين ملڪ سميت 10 فرار جوابدارن جا ٻيھر ضمانت نھ ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن.
عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.
اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاھ سميت 4 جوابدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر حاصل ڪيو آھي.