پنجاب جي جيلن ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ۾ ورتل 673 مريض قيد آهن، انهن مريضن کي الڳ مختص ڪيل بيرڪس ۾ رکيو ويو آهي.
جيل اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ايڊز ۾ ورتل مريضن جي اڪثريت اُنهن قيدين جي آهي، جيڪي منشيات جي ڪيسن ۾ جيل آيا آهن.
پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ 145، ڊسٽرڪٽ جيل لاهور ۾ 83، سينٽرل جيل فيصل آباد ۾ 39 مريضن جو علاج جاري آهي، جڏهن ته سينٽرل جيل لاهور ۾ 35، سينٽرل جيل گوجرانوالا ۾ 27 ۽ ڊسٽرڪٽ جيل فيصل آباد ۾ 27 مريض قيدي موجود آهن، جن کي ايڊز جي تصديق ٿي آهي.
ترجمان موجب پنجاب جي جيل ۾ ايندڙ هر قيدي جي ميڊيڪل اسڪريننگ ڪئي ويندي آهي، اِها سڪريننگ ريپڊ ڊائيگنوسٽڪ ڪٽس جي ذريعي ڪئي ويندي آهي.
جيل ۾ داخل ٿيڻ دوران قيدين جي اسڪريننگ ٿيندي آهي، جن قيدين کي ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي تصديق ٿي آهي، انهن جي انٽري دوران اسڪريننگ ڪئي وئي، جنهن دوران پتو پيو هو.
جيل اختيارين وضاحت ڪئي آهي ته ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ۾ مبتلا مريض قيدي اُهي آهن، جيڪي منشيات جي ڪيسن ۾ جيلن ۾ آيا، باقي اڳ ۾ موجود قيدي متاثر ناهن ٿيا.