لائیو خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي شاگردن کان اوڳاڙيل اضافي فيس واپس ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن پاران شاگردن کان مقرر حد کان وڌيڪ فيسون وصول ڪرڻ خلاف اهم فيصلو ٻڌائيندي اضافي اوڳاڙيل فيسون واپس ڪرڻ يا ايندڙ فيسن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خالد اسحاق، يونيورسٽي آف فيصل آباد ۽ ٻين تعليمي ادارن پاران داخل ڪرايل آئيني درخواستن تي 28 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.

عدالت خانگي ميڊيڪل ڪاليجن پاران پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) جي 28 اپريل 2025ع، 6 آڪٽوبر 2025ع ۽ 11 مارچ 2026ع وارن نوٽيفڪيشنز خلاف داخل ڪرايل ٽي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته شاگردن پاران داخل ڪرايل 12 آئيني درخواستون منظور ڪري ورتيون.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ايڪٽ 2022ع جي سيڪشن 20 تحت پي ايم ڊي سي کي خانگي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي ٽيوشن فيسن جو جائزو وٺڻ، منظوري ڏيڻ، ترميم ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ حد مقرر ڪرڻ جو مڪمل قانوني اختيار حاصل آهي.

عدالت موجب تعليمي ادارن لاءِ ضروري آهي ته اهي فيس اسٽرڪچر، مالي گوشوارا ۽ فيسن ۾ واڌ جا سبب پي ايم ڊي سي آڏو پيش ڪن، جيئن غيرمنصفاڻي فيسن کي روڪي سگهجي.

جسٽس خالد اسحاق پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ايم ڊي سي پاران فيسن جي وڌ ۾ وڌ حد مقرر ڪرڻ قانوني اختيارن ۾ شامل آهي، جڏهن ته فيس مقرر ڪرڻ وقت تعليمي ادارن جا حقيقي خرچ، تعليمي معيار ۽ انفرادي مالي حالتون به نظر ۾ رکڻ ضروري آهن.

عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 18 تحت ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين جي آزادي غيرمشروط ناهي، رياست عوامي مفاد، شاگردن جي تحفظ ۽ تعليمي معيار برقرار رکڻ لاءِ مناسب پابنديون لاڳو ڪري سگهي ٿي.

فيصلي ۾ مختلف ڪاليجن جي مالي رڪارڊ جو به حوالو ڏنو ويو. يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج فيصل آباد جي 2025ع واري مالي رڪارڊ موجب اداري 37 ڪروڙ 86 لک 59 هزار 794 رپيا منافعو ڪمايو، جڏهن ته في شاگرد 8 لک 41 هزار 317 رپيا اضافي وصول ڪيل رقم واپس ڪرڻ جي سفارش پڻ رڪارڊ جو حصو هئي.

اهڙيءَ طرح ايف ايم ايڇ ڪاليج آف ميڊيسن اينڊ ڊينٽسٽري لاهور جي مالي گوشوارن موجب 2025ع ۾ 11 ڪروڙ 19 لک 41 هزار 648 رپيا منافعو ٿيو، جڏهن ته في شاگرد 7 لک 41 هزار 802 رپيا اضافي وصولي واپس ڪرڻ جو معاملو پڻ سامهون آيو.

عدالت پي ايم ڊي سي ۽ لاڳاپيل تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي جائز دعوائن جو جائزو وٺي اضافي وصول ڪيل فيسن جي واپسي يا ايڊجسٽمينٽ وارو عمل 30 آڪٽوبر 2026ع کان 30 ڪم ڪندڙ ڏينهن اندر مڪمل ڪيو وڃي.

فيصلي ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته پنهنجن قانوني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ شاگردن خلاف خانگي ميڊيڪل ڪاليج ڪنهن به قسم جي انتقامي يا امتيازي ڪارروائي نٿا ڪري سگهن.

عدالت جي فيصلي کانپوءِ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جون درخواستون رد ۽ شاگردن جون درخواستون منظور ٿيڻ سان پي ايم ڊي سي جا فيسن جي حد مقرر ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن برقرار رهندا.

فيملي پينشن رڳو بيواهه يا مڙس تائين محدود ڪرڻ واري پابندي غيرقانوني قرار

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فيملي پينشن کي رڳو بيواهه يا مڙس تائين محدود ڪرڻ واري پابندي غيرقانوني قرار ڏيندي غيرشادي شده ۽ طلاق يافته ڌيئرن کي پينشن کان محروم ڪرڻ جا حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد احسن رضا ڪاظمي زاهده ياسمين سميت ٽن ڌيئرن جون درخواستون منظور ڪندي 20 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت ناڻي کاتي پاران 30 مئي 2025ع تي جاري ڪيل وضاحت کي اختيارن کان ٻاهر ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي ڪالعدم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊسمبر 2024ع ۽ آگسٽ 2025ع جا نوٽيفڪيشن به متاثر ٿيل حد تائين رد ڪري ڇڏيا.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل قانونن ۾ استعمال ٿيل لفظ ”خاندان“ کي انتظامي وضاحت يا نوٽيفڪيشن ذريعي رڳو مڙس يا زال تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته انتظامي ضابطا اصل قانون کان اڳتي نٿا وڌي سگهن ۽ نه ئي ڪنهن قانوني حق کي محدود ڪرڻ لاءِ قانون ۾ موجود لفظن جي معنيٰ تبديل ڪري سگهجي ٿي. پينشن حڪومت جي مهرباني نه، پر هڪ قانوني حق آهي.

عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته رڳو ڌيءَ هجڻ يا ڪنهن ٻي پينشن حاصل ڪرڻ کي فيملي پينشن کان محروم ڪرڻ جو پاڻمرادو سبب نٿو بڻائي سگهجي.

سپريم ڪورٽ جي ڪنول رشيد ڪيس جو حوالو ڏيندي عدالت واضح ڪيو ته هڪ پينشن حاصل ڪرڻ سبب ڪنهن شخص کي ٻي پينشن جي حق کان پاڻمرادو محروم نٿو ڪري سگهجي.

فيصلي موجب والد ۽ والده ٻنهي جي پينشن بابت دعوائن جو الڳ الڳ جائزو وٺڻ ضروري آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا هر درخواستگذار جي اهليت جو تعين قانوني شرطن تحت ڪندا.

لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته درخواستگذارن جي پينشن ڪيسن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ کين پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ باقاعده ٻڌڻي جو موقعو پڻ فراهم ڪيو وڃي.

عدالت حڪم ڏنو ته فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي ملڻ کانپوءِ 60 ڏينهن اندر سموري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں