ڪراچي (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ بابت قدم نه کنيا ته جماعت اسلامي ٻيهر احتجاج لاءِ روڊن تي نڪرندي.
ادارھ نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پيٽروليم ليوي ختم ڪري، ٻي صورت ۾ سندن جدوجهد جاري رهندي.
هن چيو ته ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار کي به ليوي ختم ڪرڻ جو چيو آهي، حڪومت هر مهيني تقريبن 150 ارب رپيا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت کان ان حوالي سان پنهنجو طريقيڪار ۽ انگ اکر پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
حافظ نعيم الرحمان موجب، اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ليوي ختم ڪرڻ سان وڏين گاڏين وارن کي به سستو پيٽرول ملندو، جنهن تي جماعت اسلامي تجويز ڏني ته مهانگيون گاڏيون استعمال ڪندڙن تي وڌيڪ ليوي لاڳو ڪئي وڃي، جڏهن ته وچولي طبقي ۽ غريب ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي.
جماعت اسلامي جي امير ٻڌايو ته پيٽروليم ليوي خلاف سندن جدوجهد جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي وئي آهي، جنهن وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ وقت گهريو آهي، پر سندن مطالبو واضح آهي ته پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي.
فلسطين جي صورتحال بابت ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته طوفان الاقصيٰ کانپوءِ اسرائيل فلسطينين جي مزاحمت جو بدلو عام شهرين کان وٺڻ شروع ڪيو ۽ غزه کي تباهه ڪيو، جڏهن ته مزاحمت جو سبق فلسطينين دنيا کي ڏنو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون فارم 47 جي پيداوار آهن، ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ ڪرپشن سڄي سنڌ کي نقصان پهچايو آهي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته نئين عالمي نظام جي ضرورت آهي، جنهن ۾ مسلمانن ۽ مزاحمت ڪندڙن کي متحد ٿيڻو پوندو. ترڪيه جي دوري دوران محسوس ٿيو ته اتي فرقيواراڻي ڳالهين بدران اسلام جي نظام تي بحث ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسلام رڳو مذهب نه پر هڪ نظام جو نالو آهي.