لائیو مولانا صاحب کي حصو نہ مليو، ان ڪري ناراض آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

فہرستِ مضامین

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مولانا صاحب کي حصو نه مليو آهي، ان ڪري هو ناراض آهن، سندن کانسواءِ به حڪومت ٺهي آهي ۽ اڳتي به هلندي رهندي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري آهن، جن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي.

هن چيو ته جيڪڏهن شهر کي گلن جو شهر بڻائي سموريون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن، تڏهن به مخالف ڌر تنقيد ڪندي. گذريل 13 سالن دوران جيڪي مسئلا پيدا ٿيا، انهن کي درست ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو ۽ حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي جي بهتري لاءِ بهتر قانون ٺاهيا ويندا ۽ قانونسازي ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي استعمال بابت سوال تي گورنر چيو ته هيلي ڪاپٽر گورنر، وڏي وزير ۽ وزيراعظم لاءِ هوندا آهن، هو سرڪاري ڪم سان ويو هو، ڪنهن عياشي لاءِ هيلي ڪاپٽر استعمال نه ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ حڪومتن پئسا وٺي پرمٽ جاري ڪيا، جڏهن ته هاڻي غيرقانوني قبضن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

گورنر جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو پاڻ سان زيادتي ٿيڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ فارم تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ريڙهي وارن لاءِ به قدم کڻي کين مناسب جايون فراهم ڪيون وينديون.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پوليو ورڪرن سان پيش آيل واقعن تي به ڪم ڪيو پيو وڃي، پوليو سبب ملڪ متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں