اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ بئريسٽر سلمان صفدر بشريٰ بي بي جي صحت بابت اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا آهن.
بئريسٽر سلمان صفدر 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي صحت بابت بيان حلفي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
بيان حلفي موجب، اڊيالا جيل انتظاميا 31 آڪٽوبر تي اطلاع ڏنو هو ته 2 نومبر تي منجهند ساڍي 3 وڳي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات طئي ٿيل آهي. ملاقات شام 4 وڳي شروع ٿي ۽ لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين جاري رهي.
بئريسٽر سلمان صفدر موجب، ملاقات دوران بشريٰ بي بي غير معمولي طور تي گهري ڪاري رنگ جون عينڪون پاتل هيون. پي ٽي آءِ باني ۽ سندس چوڻ تي عينڪ لاهڻ بعد بشريٰ بي بي سخت تڪليف ۾ نظر آيون.
بشريٰ بي بي ٻڌايو ته هوءَ سج جي روشني توڙي مصنوعي روشني برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ عينڪ کانسواءِ اکيون به کولي نٿي سگهي. سلمان صفدر موجب، بشريٰ بي بي جي اکين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي ۽ کيس محسوس ٿيو ته سندس نظر سخت متاثر ٿي چڪي آهي.
بيان حلفي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني به بشريٰ بي بي جي خراب ٿيندڙ نظر سبب واضح طور پريشان نظر اچي رهيو هو.
بشريٰ بي بي ٻڌايو ته جيل ۾ معائني لاءِ آيل ڊاڪٽرن سندس اکين جي بيماري کي ميچور ڪيٽريڪٽ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن 15 نومبر جي لڳ ڀڳ اکين جو هڪ ٻيو آپريشن ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
بيان حلفي موجب، بشريٰ بي بي جيل ۾ صفائي جي صورتحال ۽ فراهم ٿيندڙ علاج تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سندس طبي معائنو ۽ علاج ذاتي ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي.
ٻئي طرف بشريٰ بي بي مڪمل ميڊيڪل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ متفرق درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ فوري طور اکين جي ماهر ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي اکين جي حالت تيزيءَ سان خراب ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اکين جي ماهر ۽ جيل جي ميڊيڪل آفيسر کان فوري طبي صلاح مشورو ڪرايو وڃي.
درخواست بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري ذريعي داخل ڪئي وئي آهي.