لائیو اسٽيفن ملر جي مقرري، ڇا ٽرمپ ھڪ نئين جنگ لاءِ تياري ڪري رھيو آھي؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ مدي وارن چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جي شڪست کانپوءِ پنهنجي انتظاميا ۾ اهم تبديلي ڪندي سخت پاليسين جي حامي ۽ پراڻي صلاحڪار اسٽيفن ملر کي وائيٽ هائوس جو نئون چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، اسٽيفن ملر سوسي وائلز جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو، جڏهن ته سندس مقرري جو اطلاق سومر کان ٿيندو.

اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن وچ مدي وارين چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي ڪانگريس جو ڪنٽرول وڃائي ويٺي آهي ۽ ايوان نمائندگان توڙي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس کي برتري حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان صورتحال ۾ صدر ٽرمپ کي نه رڳو ڊيموڪريٽس جي مخالفت پر پنهنجي حڪومت خلاف امڪاني جاچن کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

نئين چيف آف اسٽاف جي ذميوارين ۾ وائيٽ هائوس جي عملي کي منظم ڪرڻ، صدر جي روزاني شيڊول جي نگراني ۽ سرڪاري ادارن سان رابطن کي برقرار رکڻ شامل آهي.

صدر ٽرمپ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ اسٽيفن ملر کي قابل اعتماد صلاحڪار قرار ڏيندي چيو ته هو سندس سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳن ساٿين مان هڪ آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ چيف آف اسٽاف سوسي وائلز جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.

وائيٽ هائوس جي هڪ عهديدار موجب، اسٽيفن ملر جي مقرري ان ڳالهه جو اشارو آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، پر هو پنهنجي وفادار ساٿين کي وڌيڪ اهم ذميواريون ڏئي رهيو آهي.

اسٽيفن ملر کي آمريڪا ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف سخت ڪاررواين جو اهم منصوبابند سمجهيو ويندو آهي. 41 ورهين جو ملر ٽرمپ جي پهرين ۽ ٻئي صدارتي دور ۾ سندس ويجهن ساٿين ۾ شامل رهيو آهي. 2025ع ۾ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس واپسي کانپوءِ هو ڊپٽي چيف آف اسٽاف طور ڪم ڪري رهيو هو، پر ملڪي پاليسين ۾ سندس اثر رسوخ عهدي کان گهڻو وڌيڪ رهيو آهي.

ملر جي نگراني ۾ آمريڪا ۾ مهاجرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون ۽ روزانو 3 هزار ماڻهن جي گرفتاري جو هدف مقرر ڪيو ويو. انهن ڪاررواين دوران اهڙا ماڻهو پڻ گرفتار ڪيا ويا، جن جو ڪو به ڏوهاري رڪارڊ نه هو ۽ جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آمريڪا ۾ رهائش پذير هئا.

رائٽرز ۽ اِپسوس جي تازي سروي موجب، مهاجرن خلاف انهن ڪاررواين جي حمايت ڪندڙ آمريڪي شهرين جو انگ 36 سيڪڙو، جڏهن ته مخالفت ڪندڙن جو انگ 54 سيڪڙو رهيو.

آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي براءِ نگراني ۽ حڪومتي سڌارن ۾ ڊيموڪريٽس جي سينيئر ميمبر رابرٽ گارشيا چيو آهي ته سندس جماعت اسٽيفن ملر جي اميگريشن پاليسين جي جاچ ڪندي. هن ملر کي خبردار ڪندي چيو ته کيس پنهنجي دفاع لاءِ وڪيل ڪرڻ گهرجي.

اسٽيفن ملر ٽرمپ انتظاميا پاران وفاقي سرڪاري ادارن ۾ تبديلين جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. سندس پاليسين جي نتيجي ۾ 2025ع دوران هزارين سرڪاري ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو. ان کانسواءِ يونيورسٽين، تنوع جي فروغ وارن پروگرامن ۽ ٻين ادارن خلاف انتظاميا جي ڪاررواين ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو.

پرڏيهي پاليسي جي معاملي تي به ملر صدر ٽرمپ جي سخت موقف جو حامي رهيو آهي. هن ڪيريبين سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ منشيات جي مبينا اسمگلنگ ۾ ملوث ٻيڙين خلاف آمريڪي فوجي حملن جي حمايت ڪئي، جن تي قانوني سوال پڻ اٿاريا ويا هئا.

اسٽيفن ملر ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هو ايران کي ڪمزور ڪرڻ ۽ خطي جي ٻين ملڪن لاءِ خطرو بڻجڻ جي صلاحيت محدود ڪرڻ خاطر سامونڊي ناڪابندي ۽ معاشي پابندين جو حامي رهيو آهي. تنهن هوندي به تازين چونڊن ۾ ايران جنگ جي معاشي اثرن سبب ريپبلڪن پارٽي کي پهتل نقصان کانپوءِ اهو واضح ناهي ته هو اڃا به ساڳئي موقف تي قائم آهي يا نه.

ٻئي طرف ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽس جي امڪاني نئين اسپيڪر حڪيم جيفريز، اسٽيفن ملر جي مقرري تي تنقيد ڪندي کيس غيرذميوار انتهاپسند قرار ڏنو آهي.

آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ پڻ ملر جي ترقي جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته محب وطن هاڻي ڪنٽرول ۾ آهن.

واضح رهي ته پيٽ هيگسيٿ کي به ايران جنگ جي معاملي تي ڊيموڪريٽس پاران مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي مطالبي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں