ملڪ ۾ سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 2 رپيا 37 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سيپٽمبر 2026ع جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اطلاق نومبر جي بلن ۾ ٿيندو، جڏهن ته ان واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي پڻ ٿيندو.
واضح رهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) سيپٽمبر جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 2 رپيا 56 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
ٻئي طرف نيپرا صنعتي ۽ زرعي صارفين لاءِ بجلي جي اضافي استعمال تي ملندڙ رليف گهٽائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
نيپرا اضافي بجلي جي استعمال تي في يونٽ رليف 2 رپيا 32 پئسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اهو فيصلو منظوري ۽ نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت صنعتي ۽ زرعي صارفين کي اضافي بجلي جي استعمال تي في يونٽ 11 کان 15 رپين تائين رليف ڏئي رهي آهي.
نيپرا جي فيصلي موجب اضافي بجلي استعمال ڪرڻ واري پيڪيج جي قيمت 22 رپيا 98 پئسا مان وڌائي 25 رپيا 30 پئسا في يونٽ ڪئي ويندي، جنهن جو نئون اگهه نومبر 2026ع جي بلنگ مهيني کان لاڳو ٿيندو.
اهو فيصلو نيپرا چيئرمين جي ڪاسٽنگ ووٽ ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن ميمبرن آمنه احمد ۽ مقصود انور خان اختلافي نوٽ لکندي 25 رپيا 30 پئسا في يونٽ واري اگهه کي بي بنياد قرار ڏنو.