برطانوي شاهي خاندان جي ناراضگي جو شڪار شهزادي هيري پنهنجي ڀاءُ شهزادي وليم سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڀاڄائي ڪيٽ مڊلٽن جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آمريڪي رسالي اسٽار ميگزين جي رپورٽ موجب، بادشاهه چارلس جي ننڍي پٽ شهزادي هيري جو خيال آهي ته ڪيٽ مڊلٽن ئي شهزادي وليم جي رويي ۾ نرمي آڻي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هيري ان مقصد لاءِ ڪيٽ مڊلٽن سان رابطو ڪرڻ ۽ سندس مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ تي تيار آهي.
رپورٽ موجب، هيري لاءِ ڪيٽ مڊلٽن سان رابطو ڪرڻ آسان نه هوندو، ڇاڪاڻ ته شهزادي هاڻي ٻنهي ڀائرن وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ اڳ جيتري دلچسپي نٿي رکي.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ ڪيٽ مڊلٽن ٻنهي ڀائرن جا اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون هيون، پر هاڻي سندس رويو تبديل ٿي چڪو آهي.
ٻئي طرف رسالي هيٽ ورلڊ جي تازي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪيٽ مڊلٽن، شهزادي هيري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي تڪراري ڪتاب ”اسپيئر“ ۾ ڪيل دعوائن تي راڻي ڪميلا، شهزادي وليم ۽ پاڻ ڪيٽ مڊلٽن کان باضابطا معافي وٺي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيٽ مڊلٽن کي خبر آهي ته بادشاهه چارلس پنهنجي پٽ هيري سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هوءَ به ان حوالي سان مثبت رويو رکي ٿي، پر سندس موقف آهي ته هيري جي باضابطا معافي کانسواءِ ٺاهه جي اڳڀرائي ممڪن ناهي.