پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهي، 20لک ماڻهو متاثر: ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملتان ۽ خانيوال جا اهم ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو

فہرستِ مضامین

پنجاب ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪيو آهي ته هن وقت پنجاب جي تاريخ جو سڀ کان وڏو درياهي وهڪرو گذري رهيو آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملتان ۽ خانيوال سميت مختلف ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب هيل تائين 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

ان کان اڳ پنجاب حڪومت جي ترجمان سينيئر وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ۾ ٻوڏ جا تفصيل ٻڌايا ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ سبب 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ 32 ٿي ويو آهي.

مريم اورنگزيب دعويٰ ڪئي ته هيءَ پنجاب جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ريسڪيو آپريشن هو

مريم اورنگزيب ٻڌايو ته پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ 20 لک کان وڌي ويو آھي، جن علائقن مان ٻوڏ جا وھڪرا گذرن پيا، اتي سندن سمورو ڌيان متاثرن جي مدد ڪرڻ تي آھي، ھن وقت تائين به ماڻھن جي محفوظ ھنڌن تي منتقلي وارو عمل جاري آھي

ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ ھو ته  پنجاب ۾ ٻوڏ دوران فوت ٿيلن جو انگ 33 تائين پھچي ويو آھي.

هيءَ سڀ کان وڏو ريڪسيو آپريشن هو: مريم اورنگزيب

پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته ھن پنجاب جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ريسڪيو آپريشن ڪيو آھي، ھن وقت تائين ٻوڏ متاثر علائقن مان ساڍا 7 لک ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته 5 لک جانورن کي به محفوظ ھنڌن تي پھچايو ويو آھي، 400 کان وڌيڪ وٽنري ڪيمپس به لڳايون ويون آھن، مختلف نالن تان حددخليون ھٽائڻ وارو سلسلو به جاري آھي.

ٻوڏ جا وھڪرا جھنگ ۾ داخل

چناب درياهه جو پاڻي سيالڪوٽ، وزيرآباد ۽ چنيوٽ ۾ تباھي مچائڻ کانپوءِ جھنگ ۾ داخل ٿي ويو آھي، جنھن سبب جھنگ جا 180 ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل به پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ڳوٺن کي شھرن سان ملائيندڙ رستا به مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، انتظاميه جو چوڻ آھي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جاري آھي

فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاھور جو چوڻ آھي ته چناب درياھ ۾ خانڪي ۽ قادرآباد وٽ وڏي ٻوڏ برقرار آھي.

اسڪول بند رکڻ جو فيصلو

ٻوڏ واري صورتحال سبب پاڪ پتن ۽ عارف والا ۾ اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسڪول بند رکڻ جو فيصلو استادن ۽ ٻارڙن جو زندگيون محفوظ رکڻ لاءِ ڪيو ويو آھي

عارف والا ۾ درياھ جو پاڻي نورا بند تائين پھچي ويو آھي، پاڪ پتن ۾ به متاثرن کي ٻيڙين ذريعي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو پيو وڃي.

ٻوڏ کانپوءِ بيمارين به ڪر کنيو

پنجاب ۾ ٻوڏ بعد مختلف بيمارين به ڪر کنيو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارڙا چمڙي، خارش ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آھن، متاثرن جو چوڻ آھي ته ٻوڏ بعد بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ٻارڙا ۽ عورتون تيزي سان بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن

هنن ٻڌايو ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب به ھو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ٻوڏ متاثرن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن.

وزير آباد ۾ ٻوڏ متاثر عورت جا 3 ٻارڙا فوت

وزيرا آباد ۾ ٻوڏ متاثر عورت جا 3 تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 2 نياڻيون ۽ ھڪ ٻارڙو شامل آھي.

وارثن جو چوڻ آھي ته سرڪاري اسپتال ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي، وقت تي طبي امداد نه ملڻ سبب ٻارڙا فوت ٿيا آھن، جيڪڏھن وقت تي طبي امداد ملي ھا ته شايد ٽئي ٻارڙا بچي وڃن ھا، ٻوڏ متاثر عورت 28 آگسٽ تي گاڏي ۾ ئي ٽنھي ٻارڙن کي جنم ڏنو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں