لائیو ڀارت لاءِ ايران ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جا لاڳاپا ڇو ضروري؟ مارڪو روبيو جو اھم بيان

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته جيئن ڀارت لاءِ ايران سان لاڳاپا برقرار رکڻ ضروري آهن، تيئن آمريڪا لاءِ به پاڪستان سان لاڳاپا قائم رکڻ اهم آهن. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ذريعي نه رڳو آمريڪا کي مدد ملي سگهي ٿي، پر ڀارت کي درپيش خدشن کي گهٽائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خلاف آهي ۽ هر ان شخص يا ملڪ جي مخالفت ڪري ٿو، جيڪو دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪري ٿو.

هن چيو ته آمريڪا جا پاڪستان سان لاڳاپا آهن ۽ جاگرافيائي اهميت جي لحاظ کان پاڪستان سان لاڳاپا برقرار رکڻ آمريڪا لاءِ ضروري آهي.

مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته جيئن ڀارتي حڪومت لاءِ ايران سان لاڳاپا رکڻ ۽ ايراني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ ضروري آهن، تيئن آمريڪا کي به پاڪستان سان لاڳاپن جي ضرورت آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان آمريڪا کي مدد ملي سگهي ٿي ۽ ممڪن آهي ته انهن لاڳاپن ذريعي ڀارت کي درپيش خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري سگهجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں