لائیو لاھور ھاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو؛ ڏنڊ ادا نہ ڪرڻ تي قيد ڪاٽڻ باوجود رقم معاف نہ ٿيندي

فہرستِ مضامین

لاھور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاھور ھاءِ ڪورٽ اهم فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آهي تہ نيب ڪيسن ۾ ڏنڊ ادا نہ ڪرڻ سبب قيد ڪاٽڻ سان جوابدار جي مالي ذميواري ختم نٿي ٿئي، ۽ 20 سالن کانپوءِ بہ ڏنڊ جي رقم وصول ڪري سگهجي ٿي.

چيف جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس محمد امجد پرويز تي ٻڌل بئنچ ان حوالي سان 15 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.

عدالت مهر محمد باقر جي ڏنڊ جي وصولي روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي 20 لک رپين جي وصوليءَ جو عمل ٽن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

فيصلي ۾ چيو ويو ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي هڪ سال قيد ڪاٽڻ باوجود جوابدار پنهنجي مالي ذميواريءَ کان آجو نٿو ٿي سگهي. نيب آرڊيننس تحت ڏنڊ جي رقم روينيو جي رهتن وانگر وصول ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان عمل کي ٻٽي سزا قرار نٿو ڏئي سگهجي.

عدالت وڌيڪ واضح ڪيو ته نيب ڪيسن ۾ ڏنڊ جي وصوليءَ تي ڇهن سالن جي قانوني مدي واري پابندي لاڳو نه ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهڙن معاملن ۾ نيب جو خاص قانون اوليت رکي ٿو.

فيصلي موجب، بدعنوانيءَ جي ڪيسن ۾ لاڳو ڪيل ڏنڊ جي وصوليءَ جي قانوني ذميواري برقرار رهندي، ڀلي جوابدار رقم ادا نه ڪرڻ تي قيد ڪاٽي چڪو هجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں