واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران وائيٽ هائوس واضح ڪيو آهي ته آمريڪا نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن کان اڳ ايران تي حملو نه ڪندو. آمريڪي انتظاميا جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران جي قيادت کي نشانو بڻائڻ بابت صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي مبينا ڳالهين تي سوال اٿاريا پيا وڃن.
الجزيره جي رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس جي نائب ترجمان اينا ڪيلي ايران بابت ڳالهائيندي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نظر ۾ ايران معاشي ۽ فوجي، ٻنهي شعبن ۾ انتهائي خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اينا ڪيلي دعويٰ ڪئي ته آبنائي هرمز ۾ ايران جي بحري ناڪابندي پوري شدت سان جاري رهندي. هن اهو به چيو ته ايران پاران بندش باوجود آبنائي هرمز ذريعي تيل جي فراهمي رڪارڊ سطح تي جاري آهي.
وائيٽ هائوس جي نائب ترجمان واضح لفظن ۾ چيو ته آمريڪا نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن کان اڳ ڪنهن به وقت ايران تي حملو نه ڪندو. سندس بيان کي ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي بابت آمريڪي انتظاميا جي موقف طور ڏٺو پيو وڃي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ اشارو ڏئي چڪو هو ته هو مڊٽرم چونڊن کان اڳ ايران تي حملي کان پاسو ڪندو، جڏهن ته چونڊن کانپوءِ ڀرپور ۽ فيصلائتو حملو ڪرڻ جو ارادو رکي سگهي ٿو.
هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي هئي ته صدر ٽرمپ ايراني قيادت کي ختم ڪرڻ واري سندس منصوبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. تنهن هوندي به، وائيٽ هائوس جي تازي بيان ۾ چونڊن کان اڳ ايران تي ڪنهن به حملي جي واضح ترديد ڪئي وئي آهي.
آمريڪي انتظاميا جي هن بيان کانپوءِ ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي جي وقت بابت نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته چونڊن کانپوءِ آمريڪا جي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي، ان بابت صورتحال اڃا واضح ناهي.