اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ جاري ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جي زرعي شين، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ناظم الامور […]
...لائيو ڪوريج
لائیو آمريڪا پاڪستان ۾ معدنيات سميت ڪھڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاھي ٿو؟
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ جاري ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جي زرعي شين، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بئڪر ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان ۽ واپار واري سيڪريٽري جواد پال پڻ شرڪت ڪئي.
واپار واري سيڪريٽري جواد پال ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تجويز ڪيل واپاري معاهدي بابت ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پر معاهدي جي ڪجهه فني شقن تي آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه گهربل آهي.
ملاقات ۾ پاڪستاني انبن ۽ کجين کي آمريڪي مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. پاڪستاني انبن جي برآمد لاءِ آمريڪي معائني واري ٽيمن جا دورا تيز ڪرڻ ۽ بلوچستان جي کجين کي آمريڪي منڊيءَ تائين رسائي ڏيارڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. آمريڪي وفد ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ان کان علاوه، آمريڪا مان ڪپهه ۽ سويابين جي درآمد وڌائڻ، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، فوڊ پروسيسنگ ۽ ڪولڊ چين جي ترقيءَ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي کين 23 کان 26 نومبر تائين ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ فوڊ ايگ 2026 نمائش ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. هن بلوچستان ۾ کجين، زيتون جي تيل ۽ ٻين زرعي شين جي قدر وڌائڻ لاءِ موجود موقعن کي به اجاگر ڪيو.
ملاقات دوران معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، فني سهڪار ۽ هنرمند افرادي قوت جي تربيت بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي آمريڪي وفد پاڪستان جي معدنياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنيڪي سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
ڄام ڪمال خان حب، بلوچستان کي صنعتي سيڙپڪاري، پيداواري سرگرمين ۽ خصوصي اقتصادي زونن لاءِ اهم هنڌ قرار ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين زميني واپاري رستن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ بهتر لاجسٽڪس جي ضرورت تي پڻ غور ڪيو ويو.
ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن واپاري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ، مارڪيٽن تائين رسائيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
لائیو پي ٽي آءِ تي پابندي جو اشارو، 8 ايم اين ايز گم، سهيل آفريدي ڪٿي آهي؟ محمود اچڪزئي جا سوال
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ آئين ۾ گنجائشون موجود هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي 8 ايم اين ايز جي گمشدگي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بابت سوال اٿاريندي ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته آئين ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪيتريون ئي گنجائشون موجود آهن، پر سياسي حڪومت هجڻ باوجود حڪومت اهڙو قدم کڻڻ نٿي چاهي. هن چيو ته حڪومت گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ به نه پئي چاهيو، جڏهن ته سندس دعويٰ هئي ته گذريل 14 سالن دوران پي ٽي آءِ دهشتگردي کي سنجيده مسئلو نه سمجهيو.
طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت جا سمورا اختيار اڊيالا جيل، بني گالا يا مراد سعيد جي هٿن ۾ ڏنا ويندا ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا.
ٻئي پاسي، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته اٺ ايم اين ايز گم آهن، ٻڌايو وڃي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڪٿي آهي؟ هن شڪايت ڪئي ته کين ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو به نٿو ڏنو وڃي ۽ حڪومت کان سندن مطالبو رڳو آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.
هوڏانهن وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ملاقات ذريعي آئيني ذميواريون مڪمل ٿيڻيون آهن. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم هائوس شهباز شريف جو ذاتي گهر نه، پر رياستي گهر آهي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي سان ملاقات سندس ذاتي حيثيت ۾ نه، پر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي آئيني عهدي جي حوالي سان ٿيڻ گهرجي.
اهڙي ريت، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومتي بيانن، ايم اين ايز جي گمشدگي بابت سوالن ۽ آزاد چونڊن جي مطالبي سبب ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.
لائیو ڇا پي ٽي آءِ عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جو اهم موقعو وڃائي ڇڏيو؟
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ ۽ گورنر راڄ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي جيل ۾ قيد باني عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ٻيهر تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پارٽي ذريعن اهم موقعو وڃائڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خان حڪومتي اختيارين سان رابطو ڪري عمران خان جي ٽن ڀينرن جي آزادي جي درخواست ڪئي آهي، جن جي 30 ڏينهن واري نظربندي جو مدو پورو ٿي چڪو آهي.
ذريعن موجب، بيرسٽر گوهر خان عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي سان خاندان جي ملاقاتن جي بحالي جي درخواست پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ملاقات به شامل آهي.
ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي ڪجهه ذريعن تسليم ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا جي قيادت جي سخت ۽ ٽڪراءَ واري حڪمت عملي سبب عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ پابندين ۾ نرمي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو هٿان نڪري ويو.
رپورٽ موجب، پارٽي جي خيبرپختونخوا قيادت ان اميد ۾ هئي ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو نه ڪندي ۽ نه ئي گورنر راڄ ذريعي انتظام سنڀاليندي. پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته وفاقي مداخلت خلاف عوامي ردعمل حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت سان رابطي ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو حتمي آهي ۽ احتجاجي مارچ توڙي امن امان بابت خدشا ختم ٿيڻ تائين حڪومت ڪنهن ٺاهه لاءِ تيار نه ٿيندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11 آڪٽوبر تي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کانپوءِ صوبي ۾ احتجاجن جو ردعمل توقع کان محدود رهيو. دي نيوز ۾ شايع ٿيل هڪ انٽيليجنس رپورٽ موجب، صوبي ۾ احتجاج جا 16 واقعا رڪارڊ ٿيا، جن ۾ شرڪت ڪندڙن جو سراسري انگ 100 کان گهٽ هو. جڏهن ته باڙا ۾ 13 آڪٽوبر تي ٿيل هڪ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 500 کان وڌيڪ هو، پر پوليس ڪارروائي کانپوءِ اهو اجتماع ختم ٿي ويو.
هوڏانهن، پي ٽي آءِ وفاقي حڪومت جي مداخلت ۽ ان جي جواز کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهو قدم سياسي مقصدن تحت کنيو ويو.
رپورٽ موجب، اڳوڻي ڇڪتاڻ باوجود عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري ٿي سگهن ٿيون، پر اهي ڪوششون ڪامياب ٿينديون يا نه، ان بابت اڃا صورتحال واضح ناهي.
لائیو سعودي عرب تي حوثين جي تازن حملن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿي ويو
سعودي عرب جي توانائي وارن هنڌن، هوائي اڏن ۽ فوجي تنصيبات تي حوثي باغين جي تازن حملن جي دعوائن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 17 سينٽ، يعني 0.15 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ في بيرل قيمت 110 ڊالر ۽ 3 سينٽ تائين پهچي وئي.
ٻئي پاسي، آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) خام تيل جي قيمت ۾ به هڪ ڊالر ۽ 68 سينٽ، يعني 1.66 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ في بيرل قيمت 103 ڊالر ۽ 9 سينٽ ٿي وئي.
رپورٽن موجب، ان کان اڳ واپار دوران سيڙپڪارن پاران منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ تيل وڪرو ڪرڻ سبب برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 3 ڊالر کان وڌيڪ گهٽتائي پڻ ٿي هئي.
حوثين سومر ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي ته هنن سعودي عرب ۾ توانائي جي تنصيبات، هوائي اڏن ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، جن ۾ ينبع ۾ سعودي تيل ڪمپني آرامڪو جي هڪ تنصيب، شيبه آئل فيلڊ، رياض جو ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ابها ايئرپورٽ شامل آهن.
ٻئي طرف، سعودي اختيارين انهن حملن بابت حوثين جي دعوائن جي فوري طور تي تصديق نه ڪئي.
لائیو سعودي سفير جي عاصم منير سان ملاقات، مڪہ گڏيل دفاعي معاهدي بابت ڪهڙيون اهم ڳالهيون ٿيون؟
راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، نئين مقرر ٿيل سعودي سفير ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي.
پاڪستان فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن مڪہ گڏيل دفاعي معاهدي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته دفاعي سهڪار، ادارن وچ ۾ رابطن ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
سعودي سفارتخاني موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي، باهمي اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو.
ملاقات دوران سعودي سفير پاڪستان جي حڪومت، هٿياربند فوجن ۽ عوام پاران سعودي عرب لاءِ ڀائراڻي حمايت تي ٿورا پڻ مڃيا.
واضح رهي ته آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڳ ۾ چيو هو ته پاڪستان سعودي عرب کي ضروري فوجي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ تي ڪنهن به حملي کي روڪڻ لاءِ موجود سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
لائیو آمريڪي بچاءَ واري وزير جو ڳجهو دورو، نيتن ياھو سان ملاقات جي دعويٰ ۾ ڪيتري سچائي؟
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ جي اسرائيل جي اڻ اعلانيل دوري ۽ وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ملاقات جي دعويٰ سامهون اچي وئي آهي، جڏهن ته دوري جي آزاداڻي طور تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيـوز ٻن ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته پيٽ هيگسيٿ سومر ڏينهن اسرائيل جو غير اعلانيل دورو ڪيو ۽ نتنياهو سان ملاقات ڪئي.
رپورٽ موجب پينٽاگون دوري بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته واشنگٽن ۾ اسرائيلي سفارتخاني پڻ روئٽرز جي تبصري جي درخواست جو جواب نه ڏنو.
روئٽرز جو چوڻ آهي ته هو هن دوري جي آزاداڻي طور تي تصديق نه ڪري سگهيو آهي.
هي دعويٰ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي ٿيندڙ اسرائيلي پارلياماني چونڊن ۾ نتنياهو جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي طرف ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته چونڊن کي جواز بڻائي ايران خلاف ڪنهن نئين حملي جي تياري نه ڪئي وڃي، جڏهن ته ايراني فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به نئين فوجي ٽڪراءَ لاءِ تيار آهن.