روم (انٽرنيشنل ڊيسڪ): اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ملڪ جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ اڳواڻ بڻجي نئون تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. جارجيا ميلوني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي حڪومت جي نئين رڪارڊ جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت اٽلي جي جمهوريه جي تاريخ […]
...لائيو ڪوريج
جارجيا ميلوني جو تاريخي اعزاز، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اٽلي جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ اڳواڻ بڻجي وئي
روم (انٽرنيشنل ڊيسڪ): اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ملڪ جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ اڳواڻ بڻجي نئون تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
جارجيا ميلوني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي حڪومت جي نئين رڪارڊ جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت اٽلي جي جمهوريه جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندڙ حڪومت بڻجي وئي آهي.
ميلوني چيو ته هوءَ هن ڪاميابي کي شڪرگذاري ۽ ذميواري جي گهري احساس سان قبول ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته سياسي استحڪام صرف ڪو رڪارڊ ناهي، جنهن تي فخر ڪيو وڃي، پر اها اهڙي صورتحال آهي جيڪا ڪنهن ملڪ کي مستقبل جي منصوبابندي، فيصلا ڪرڻ، واعدا پورا ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي عزت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
جارجيا ميلوني جي موجوده حڪومت جو هي رڪارڊ اٽلي جي سياسي تاريخ ۾ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سياست ۾ ماضي ۾ حڪومتن جي مختصر عرصي ۽ بار بار تبديلين جو رجحان رهيو آهي.
ميلوني جي حڪومت جو ڊگهي عرصي تائين برقرار رهڻ سندس سياسي استحڪام ۽ قيادت لاءِ اهم ڪاميابي طور سامهون آيو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڪچي آبادين ۽ پاڻي جي کوٽ تي بحث، سنڌو ديش خلاف قرارداد ڇو نه آندي وئي؟ ايم ڪيو ايم جو گوڙ
ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪچي آبادين جي ليز، غريبن لاءِ سستي بستين، ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لائنز ايريا ريسيٽلمينٽ سميت مختلف معاملن تي بحث ٿيو، جڏهن ته اجلاس جي آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي نعريبازي سبب ايوان ۾ شور شرابو پڻ ٿيو. ايم ڪيو ايم ميمبرن ”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا ۽ سنڌو ديش خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي حڪومت تي تنقيد ڪئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران هيومن سيٽلمينٽ بابت صلاحڪار نجمي عالم ڪچي آبادين بابت پاليسي واضح ڪندي چيو ته 2011ع کان اڳ قائم ٿيل ڪچي آباديون ليز ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته 2011ع کان پوءِ قائم ٿيل ڪنهن به ڪچي آبادي کي ليز نه ڏني ويندي.
نجمي عالم موجب ڪچي آبادي کي ليز ڏيڻ کان اڳ بورڊ آف روينيو کان اين او سي ورتو ويندو آهي، جڏهن ته پراڻين ڪچي آبادين ۾ اڳ ئي انفرااسٽرڪچر موجود آهي.
هن چيو ته جن آبادين مان رقم وصول ٿيندي آهي، ان جو 50 سيڪڙو ساڳئي آبادي جي ترقي تي خرچ ڪيو ويندو آهي.
صلاحڪار نجمي عالم چيو ته حڪومت 2011ع کان پوءِ نيون ڪچي آباديون وڌائڻ نٿي چاهي.
هن چيو ته 2011ع کان پوءِ ڪا نئين آبادي قائم ٿي آهي ته اها قبضو تصور ٿيندي ۽ لاڳاپيل کاتو ڪارروائي ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪچي آبادين جو پهريان سروي ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته آبادين ۾ زمينن جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ سروي فارم پڻ ورهايا ويندا آهن.
نجمي عالم ٻڌايو ته ڪراچي ۾ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي، زمين ملڻ کان پوءِ سستي بستي قائم ڪئي ويندي، جتي غريب ماڻهن کي گهر حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
هن چيو ته ڪچي آبادي ۾ ڊسپنسري ۽ اسڪول لاءِ به جاءِ مخصوص ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ڪجهه اين جي اوز جي سهڪار سان ڊسپنسريون قائم ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته کاتي وٽ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ موجود آهي، جيڪو ڪچي آبادين جي منصوبابندي ۽ ڊيزائننگ ڪندو آهي. زمين قسطن تي ڏني ويندي، جڏهن ته حڪومت گهر ٺاهي نه ڏيندي.
نجمي عالم چيو ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ پنهنجن گهرن جا دستاويز موجود ناهن.
هن ٻڌايو ته ان معاملي تي ٿرپارڪر جي ايم پي ايز سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين جي هدايت آهي ته اهڙن ماڻهن کي پنهنجن گهرن جو مالڪ بڻايو وڃي.
هن واضح ڪيو ته اين او سي کانسواءِ ڪا به نئين آبادي قائم نٿي ڪري سگهجي.
اجلاس دوران عبدالوسيم چيو ته ڪراچي جي آبادي مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ٻاهرين علائقن مان ماڻهن جي اچ وڃ سبب شهر تي آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
نجمي عالم پڻ چيو ته ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي ۽ ٻاهران ماڻهو شهر ۾ اچي رهيا آهن.
هن لائنز ايريا منصوبي بابت ٻڌايو ته اهو منصوبو مڪاني حڪومت جي کاتي سان لاڳاپيل آهي.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس دوران عامر صديقي آدم ڪالوني ۽ سولجر بازار ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو اٿاريو.
هن چيو ته هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان مسئلي ڏانهن توجهه ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ وزير مڪاني حڪومت طرفان پاڻي جا ڪنيڪشن ختم ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي هئي.
قاسم سراج سومرو چيو ته مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته اهو واٽر ڪارپوريشن سان لاڳاپيل معاملو آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو موجود آهي، ڪجهه علائقن کي 12 ڪلاڪ ۽ ٻين علائقن کي 12 ڪلاڪ پاڻي ڏنو وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جن علائقن مان بلنگ تقريبن صفر آهي، اتي ماڻهو پاڻي جا بل ادا نٿا ڪن، تنهنڪري چونڊيل نمائندا عوام کي بل ادا ڪرڻ لاءِ چئو.
ٻئي ڌيان ڇڪايو نوٽيس دوران فيصل رفيق چيو ته هو گذريل اڍائي سالن کان لائنز ايريا جي مسئلن ڏانهن توجهه ڇڪائي رهيو آهي، پر مسئلا حل نه ٿيا آهن.
قاسم سراج سومرو ٻڌايو ته لائنز ايريا منصوبي لاءِ نئون پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪيدر آفيسر به مقرر ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته ڪافي عرصي کان بورڊ جو اجلاس نه ٿيو آهي، هاڻي بورڊ جي اجلاس ۾ ريسيٽلمينٽ لاءِ پلاٽن جي ڳولا بابت فيصلو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ان لاءِ 10 کان 12 ڏينهن صبر ڪرڻو پوندو، وزير جي واپسي کان پوءِ بورڊ جو اجلاس ٿيندو.
اجلاس جي آخري مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن شور شرابو شروع ڪري ڇڏيو ۽ ”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا.
اسپيڪر ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو، اهو ڪالهه ٿي ويو، اڄ توهان ڇا ڪندا؟“
ان دوران قانون واري وزير شور شرابو جاري هئڻ باوجود آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.
بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن منجهند 2:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
اجلاس کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته اڄ اسيمبلي جو اجلاس هو ۽ ڪالهه سندس تقرير نون صوبن بابت هئي.
هن دعويٰ ڪئي ته اپوزيشن جون تجويزون قرارداد جو حصو نه بڻايون ويون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم علحدگي پسند تحريڪن خلاف قرارداد جو حصو شامل ڪرڻ چاهي ٿي.
علي خورشيدي موجب ايم ڪيو ايم اڄ سنڌو ديش خلاف قرارداد پيش ڪرڻ چاهي ٿي، پر حڪومت طرفان اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
هن اسپيڪر تي حڪومتي دٻاءَ ۾ هجڻ جو الزام پڻ لڳايو ۽ چيو ته سنڌو ديش جي هلندڙ تحريڪ خلاف قرارداد کي ايوان ۾ نه آندو ويو.
ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحٰه احمد چيو ته پيپلز پارٽي جو رويو تعصبي ۽ آمراڻو آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي دفاعي لائن جي حفاظت ڪندي ۽ سمورين علحدگي پسند تحريڪن خلاف آهي.
طحٰه احمد جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سنڌو ديش جي تحريڪ هلي رهي آهي، تنهنڪري علحدگي پسند تحريڪن خلاف قرارداد آڻڻ گهرجي هئي.
هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي سنڌو ديش خلاف قرارداد ايوان ۾ آڻڻ نه ڏني.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ”هي اسان جو وطن پاڪستان آهي“ ۽ سنڌو ديش جي نظريي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌو ديش خلاف قرارداد نه وٺندڙن کي سنڌ جا حامي نٿو چئي سگهجي، جڏهن ته سندس الزام موجب سنڌو ديش جي نظريي سان لاڳاپيل ماڻهو حڪومتي بينچن تي به ويٺل آهن.
برطانوي شاهي خاندان ۽ فرانسيسي صدارتي جوڙي جي ملاقات، ڇا تاريخي لاڳاپن جو نئون باب کلي رهيو آهي؟
لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): برطانيا ۽ فرانس جي گڏيل تاريخ کي اجاگر ڪندڙ هڪ خاص تقريب دوران برطانوي بادشاهه چارلس ٽئين، راڻي ڪميلا، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ سندس گهرواري بريجٽ ميڪرون جي ملاقات جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ سندس گهرواري بريجٽ ميڪرون برطانيا جي دوري دوران بادشاهه چارلس ٽئين ۽ راڻي ڪميلا سان گڏ برٽش ميوزيم جو دورو ڪيو، جتي تقريبن هڪ هزار سال پراڻي تاريخي ”بائيو ٽيپسٽري“ جي نمائش ۽ رونمائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي.
راڻي ڪميلا ۽ ميڪرون جي ملاقات
برٽش ميوزيم پهچڻ دوران ٻنهي شاهي ۽ صدارتي جوڙن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. تقريب دوران راڻي ڪميلا ۽ صدر ميڪرون وچ ۾ مختصر پر خوشگوار ملاقات به ٿي، جنهن جون تصويرون خاص طور تي ڌيان جو مرڪز بڻيون.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ميوزيم پهچڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون راڻي ڪميلا سان شائستگي سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت گڏ نظر آئي.
هزار سال پراڻي تاريخي ٽيپسٽري جي نمائش
هي تقريب تقريبن 70 ميٽر ڊگهي تاريخي ”بائيو ٽيپسٽري“ جي نمائش لاءِ منعقد ڪئي وئي، جيڪا لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو برطانيا آندي وئي آهي.
بائيو ٽيپسٽري قرونِ وسطيٰ جي هڪ اهم تاريخي ورثي طور سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ برطانيا ۽ فرانس جي وچ ۾ صدين پراڻي گڏيل تاريخ سان لاڳاپيل واقعا ۽ منظر پيش ڪيا ويا آهن.
بادشاهه چارلس ۽ ميڪرون گڏ ميوزيم پهتا
تقريب ۾ بادشاهه چارلس ٽئين ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون هڪ ئي سرڪاري بينٽلي ۾ برٽش ميوزيم پهتا، جڏهن ته راڻي ڪميلا ۽ بريجٽ ميڪرون الڳ گاڏي ۾ ميوزيم پهتيون.
بعد ۾ ٻنهي شاهي ۽ صدارتي جوڙن کي گڏ ميوزيم ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو، جتي ميڪرون ۽ سندس گهرواري بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪميلا سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
چارلس ٽئين جو انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ خطاب
تقريب دوران بادشاهه چارلس ٽئين بائيو ٽيپسٽري جي تاريخي اهميت تي روشني وڌي ۽ برطانيا ۽ فرانس جي وچ ۾ صدين کان قائم گڏيل تاريخ جو ذڪر ڪيو.
بادشاهه چارلس انگريزي ۽ فرانسيسي ٻنهي ٻولين ۾ خطاب ڪندي ٽيپسٽري ۾ ڏيکاريل سفرن، بادشاهن، مشاورت ۽ انهن مان جنم وٺندڙ تاريخي واقعن جو ذڪر ڪيو.
هن تاريخي ورثي کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل ماضي سان جوڙيندي چيو ته ٽيپسٽري ۾ بلند عزمن سان گڏ غيريقيني صورتحال ۽ ان دور جي اهم واقعن جي عڪاسي به نظر اچي ٿي.
برطانوي شاهي خاندان ۽ فرانسيسي صدارتي جوڙي جي گڏيل شرڪت واري هي تقريب ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جو اهم موقعو بڻجي وئي.
نارووال ۾ مندر ڊاهڻ جو الزام، پاڪستان جو انڪار؛ مندر ڊاهڻ جي حقيقت ڇا آهي؟
اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان نارووال جي اڊا سراج واري علائقي ۾ هندو مندر ڊاهڻ بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي ان کي ڪوڙو ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو آهي ته نارووال جي اڊا سراج ۾ هندو مندر جي عمارت 21 جولاءِ تي ٿيندڙ شديد برساتن سبب متاثر ٿي هئي، جنهن کان پوءِ مقامي انتظاميا نقصان جو جائزو وٺي مندر جي عمارت جي بحالي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان مندر بابت ڪيل دعوائون حقيقتن جي ابتڙ، گمراهه ڪندڙ ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل آهن.
سجاد حيدر خان چيو ته ڀارت حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ سستي سياسي چالن جو سهارو وٺي رهيو آهي، پر اهڙين ڪوششن سان ڀارت ۾ اقليتن سان ٿيندڙ مبينا زيادتين تان دنيا جي توجهه هٽائي نٿي سگهجي.
پاڪستاني ترجمان موجب شديد برساتن سبب مندر جي عمارت کي نقصان پهچڻ کان پوءِ نارووال جي مقامي اختيارين عمارت جو معائنو ڪيو ۽ نقصان جو جائزو ورتو.
ترجمان چيو ته مندر جي عمارت جي بحالي ۽ مرمت لاءِ لاڳاپيل ادارن طرفان قدم کنيا پيا وڃن، تنهن ڪري ان واقعي کي مندر ڊاهڻ سان جوڙڻ درست ناهي.
پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارت جي اقليتن بابت صورتحال تي به سخت اعتراض ڪندي چيو ته ڀارت جو اقليتن ۽ سندن عبادتگاهن بابت رڪارڊ انتهائي خراب رهيو آهي.
سجاد حيدر خان چيو ته دنيا ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ”هندوتوا“ واري نظريي کي اقليتن خلاف ڪيئن استعمال ڪيو پيو وڃي. هن ڀارتي قيادت تي زور ڏنو ته مسلمانن، سکن ۽ عيسائين سان ٿيندڙ مبينا زيادتين بابت جوابده بڻايو وڃي.
پاڪستان واضح ڪيو آهي ته نارووال جي مندر بابت ڀارتي دعويٰ حقيقتن کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اسلام آباد جو موقف آهي ته مندر جي عمارت قدرتي آفت، يعني شديد برساتن سبب متاثر ٿي، جنهن کان پوءِ مقامي انتظاميا بحاليءَ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي.
پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڀارت کي ٻين ملڪن بابت الزام تراشي ڪرڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن ۽ عبادتگاهن جي تحفظ بابت معاملن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
زرداري خاندان لنڊن ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، بلاول کان پوءِ بختاور به پهچي وئي، آصفه جي آمد جو به امڪان
لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پوءِ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري به لنڊن پهچي وئي آهي، جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري جي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران لنڊن پھچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، زرداري خاندان جي اهم ڀاتين جي لنڊن آمد جو سلسلو جاري آهي، جتي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد ۽ صدر آصف علي زرداري سان گڏ وقت گذاريندو.
رپورٽن موجب بلاول ڀٽو زرداري لنڊن پهچڻ کان اڳ لڳ ڀڳ هڪ هفتو آسٽريا ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ مختصر دوري لاءِ پيرس ويو ۽ اتان لنڊن پهتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچڻ بعد پنهنجي والد آصف علي زرداري سان گڏ رهندو، جڏهن ته بختاور ڀٽو زرداري جي به لنڊن آمد سان خاندان جا اهم ڀاتي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا آهن.
ٻئي طرف آصفه ڀٽو زرداري جي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان زرداري خاندان جي وڌيڪ ڀاتين جي لنڊن ۾ گڏ ٿيڻ جي توقع ڪئي پئي وڃي.
هن وقت تائين خاندان جي لنڊن ۾ گڏ ٿيڻ بابت ڪنهن خاص سياسي سرگرمي يا ملاقاتن جو سرڪاري شيڊول سامهون ناهي آيو، تنهن هوندي به اهم سياسي خاندان جي ڀاتين جي هڪ ئي وقت لنڊن ۾ موجودگي سياسي حلقن ۾ دلچسپي جو سبب بڻجي رهي آهي.
آءِ ايم ايف جو شرط؛ ڇا هاڻي تيل جا اگهه حڪومت بدران ڪمپنيون طئي ڪنديون؟
اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي موجوده نظام ۾ وڏي تبديلي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، حڪومت جون 2027 تائين پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو عبوري هدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نئين نظام تحت پيٽرول جي قيمت کي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان مستقبل ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۽ ٻين لاڳاپيل عنصرن جو اثر مقامي قيمتن تي وڌيڪ سڌي ريت پئجي سگهي ٿو.
پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي نظام ۾ اهم سڌارن جي تياري تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته قيمتن جي نئين فارمولي کي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز پڻ سامهون آئي.
اجلاس ۾ آءِ ايف اي ايم جي نئين طريقيڪار جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت پاڪستان پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ جون 2027 جو عبوري هدف مقرر ڪيو آهي.
ڊي ريگيوليشن جو مطلب اهو آهي ته پيٽرول جي قيمتن جي تعين ۾ حڪومتي ڪنٽرول کي تدريجي طور گهٽائي مارڪيٽ جي عنصرن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي.
نئين نظام تحت عالمي تيل جي قيمتن، درآمدي لاڳت ۽ ٻين مارڪيٽ عنصرن جي بنياد تي پيٽرول جي اگهن ۾ تبديلي جو امڪان وڌي سگهي ٿو.
پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي موجوده فارمولي ۾ سڌارن بابت غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران تجويز ڏني وئي ته پيٽرول جي قيمتن جو فارمولو مارڪيٽ سان ڳنڍيو وڃي، جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ تبديلين کي مقامي قيمتن جي نظام ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان شامل ڪري سگهجي.
حڪومت جو مقصد پيٽروليم قيمتن جي نظام کي وڌيڪ مارڪيٽ بنياد بڻائڻ ۽ قيمتن جي تعين لاءِ هڪ نئون فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.
اجلاس ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي اوچتي واڌ يا گهٽتائي کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ضابطا تيار ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
حڪومت طرفان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته قيمتن جي نظام ۾ تبديلي دوران صارفين کي عالمي مارڪيٽ جي اوچتن لاٿ چاڙهه کان ممڪن حد تائين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
خاص طور تي ڊيزل جي قيمتن ۾ اوچتن وڏن اضافن سان ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ ٻين شعبن تي سڌو اثر پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري قيمتن جي وڏي اتار چڙهاءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ ضابطا تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.
پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ ايف اي ايم جي نئين طريقيڪار کي به منظور ڪيو ويو.
هن طريقيڪار تحت حڪومت پيٽرول جي قيمتن جي تعين ۽ مارڪيٽ سان ان جي لاڳاپي کي وڌيڪ واضح ۽ منظم ڪرڻ چاهي ٿي.
جون 2027 کي عبوري هدف مقرر ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ان وقت تائين پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ گهربل نظام ۽ ضابطا تيار ڪرڻ جو عمل اڳتي وڌايو ويندو.
پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ سان مستقبل ۾ قيمتن تي عالمي مارڪيٽ جي اثرن جو ڪردار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. جيڪڏهن عالمي سطح تي خام تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته مقامي مارڪيٽ ۾ پڻ پيٽرول جي قيمتن تي ان جو اثر وڌيڪ نمايان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته عالمي اگهه گهٽجڻ جي صورت ۾ صارفين کي به فائدو پهچڻ جو امڪان هوندو.
بهرحال، ڊي ريگيوليشن جو حتمي طريقو، قيمتن جي نئين فارمولي ۽ صارفين کي اوچتن قيمتي جھٽڪن کان بچائڻ لاءِ ضابطا حڪومت طرفان تيار ڪيا ويندا.
پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو هدف پاڪستان جي آءِ ايم ايف پروگرام تحت معاشي ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارن سان به ڳنڍيل آهي.
حڪومت هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين وڌيڪ مارڪيٽ بنياد هجي ۽ حڪومتي مداخلت تدريجي طور گهٽجي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جون 2027 تائين پيٽرول جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي ۽ نئين نظام تحت عام صارفين کي عالمي تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ اوچتن تبديلين کان ڪيترو تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو.