ڊرامن ۾ اداڪارن کي ڪيترو معاوضو ملي ٿو؟ فرح نادر اهم تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا فرح نادر ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن جي معاوضن بابت اهم تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ خاص طور تي مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو معاوضو حاصل ڪري سگهن ٿا.

فرح نادر تازو هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان سان ڳالهائيندي شوبز انڊسٽري جي مختلف معاملن تي گفتگو ڪئي، جتي هن کان اداڪارن جي آمدني ۽ معاوضن بابت پڻ سوال ڪيو ويو.

سينيئر اداڪارا موجب جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو هڪ مهيني ۾ هڪ لک رپيا ڪمائي ٿو ته هڪ اداڪار تقريباً ايتري رقم 10 ڏينهن اندر ڪمائي سگهي ٿو.

فرح نادر ٻڌايو ته ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون ان کان به وڌيڪ معاوضو وٺن ٿا. سندس چوڻ موجب هڪ مرڪزي اداڪار يا اداڪارا عام طور تي هڪ ڊرامي لاءِ 15 کان 20 لک رپيا معاوضو حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته ڪجهه موقعن تي اهو معاوضو 30 کان 40 لک رپين تائين به پهچي سگهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پروڊيوسر وقت سر معاوضو ادا ڪن ته شوبز انڊسٽري اهڙو شعبو آهي، جتي ڪم ڪندڙ فنڪارن جي آمدني ڪافي وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

واضح رهي ته فرح نادر پنهنجي گفتگو دوران ڪنهن مخصوص اداڪار يا اداڪارا جو نالو وٺي سندن ذاتي معاوضو ظاهر نه ڪيو. پروگرام ۾ موجود خاتون ميزبان طرفان همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، فيروز خان، احسن خان، اقرا عزيز، سجل علي ۽ هانيا عامر جا نالا کنيا ويا.

فرح نادر پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات مشهور ڪلاسڪ ڊرامي ”خدا جي بستي“ سان ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو حصو رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں