پنجاب ۾ ٻوڏ: گردوارا ڪرتارپور صاحب ٻڏي ويو: 6 ضلعن ۾ فوج طلب

فہرستِ مضامین

پنجاب ۾ درياهه وڌيڪ ڀرجي ويا آهن، اين ڊي ايم اي (NDMA) موجب چناب درياهه ۾ هيڊ مراله وٽ وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ کان به وڌي ويو آهي، جيڪو انتهائي خطرناڪ ٻوڏ جي سطح آهي، جڏهن ته درياءَ 11 لک ڪيوسڪ پاڻي برداشت ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو.

اين ڊي ايم اَي موجب ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ۽ برساتن سبب پنجاب اندر دريائن ۽ ندي نالن ۾ تاريخي چاڙھ آئي آھي، راوي، ستلج ۽ ندي نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي، مرالا وٽ چناب درياءَ ۾ صورتحال خراب آهي، جتي پاڻي وهڪرا 9 لک تائين پهتا آهن، خانڪي وٽ 2 لک 5 ھزار ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ٿيو آهي.

اين ڊي ايم اي موجب مراله، خانڪي ۽ جسڙ وارن علائقن ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي، رليف ڪمشنر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن.

پنجاب جي درياھن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ بعد تربيلا ڊيم جا دروازا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، تربيلا ڊيم جا دروازا کولڻ سبب پاڻي جو ڇوڙ 2 لک 50 ھزار ڪيوسڪس ٿيڻ جو امڪان آھي، سنڌو درياھ ۾ چاڙھھ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي درياھھ جي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻھن کي درياھھ جي لنگھن کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، اين ڊي ايم اي طرفان لاڳاپيل ادارن کي آگاھھ ڪيو ويو…

فوج طلب، 6 ضلعن ۾ ريسيڪو آپريشن ۾ حصو وٺندي

ڀارت طرفان اضافي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ مسلسل برسات سبب پنجاب جي درياھھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پنجاب حڪومت لاهور، سيالڪوٽ، قصور، فيصل آباد، ناروال، اوڪاڙا ۽ سرگوڌا ضلعن ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي.

پنجاب جي گهرو وزارت موجب ضلعي انتظاميا، پي ڊي ايم اَي، ريسڪيو، سول ڊفينس ۽ پوليس اڳ ئي فرنٽ لائين تي موجود آهن، ترجمان موجب ٻوڏ وارن علائقن ۾ ضرورت موجب آرمي ايوي ايشن ۽ ٻيا وسيلا فراهم ڪيا ويندا،

پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر جو چوڻ آھي ته ڀارت ٻوڏ واري صورتحال تي ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان سان رابطو ڪيو آھي، ھاءِ ڪميشن ٻوڏ واري صورتحال بابت آگاھي ڏني، جنھن بعد انڊس واٽر ڪمشنر طرفان فلڊ الرٽ جاري ڪيو ويو، انڊس واٽر ڪمشنر موجب ڀارت اطلاع ڏنو آھي تھ ستلج ۾ ھيڊ ھريڪ زيرين ۽ فيروزپور ۾ وڏي ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آھي.

گردوارا ڪرتاتپور صاحب ۾ پاڻي داخل

پنجاب ۾ راوي درياءَ جو شڪر ڳڙهه وٽ حفاظتي بند ٽٽڻ سبب ڪرتارپور ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

سکن جَي مذهبي ماڳ ڪرتارپور ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آهي، انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ ڪرتاتپور ويجھو درياھھ راوي جو بند ٽٽي پيو، جنھن سبب پاڻي سکن جي مذھبي ماڳ ۾ بھ داخل ٿي ويو آھي، انتظاميھ ٻڌايو تھ راوي درياھھ ۾ ھن وقت اڍائي لک ڪيوسڪس پاڻي جو وھڪرو گذري رھيو آھي، جنھن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي.

پنجاب ۾ برسات جي اڳڪٿي

موسميات کاتي پنجاب ۽ ڪشمير ۾ اڄ بھ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، گذريل ڏينهن سيالڪوٽ ۾ 355 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي هئي.

موسميات کاتي موجب نارو وال، سيالڪوٽ، گجرات، جھلم ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جا امڪان آهن، دريائن ۾ چاڙهه ۽ امڪاني برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙھھ ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي خطري سبب الرٽ جاري ڪيو  ويو آهي.

سيالڪوٽ ۾ برساتن جو 49 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

موسيات کاتي جو چوڻ آھي تھ برساتن جو 49 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آھي، شھر ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 363.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ان کان اڳ 6 آگسٽ 1776 ۾ 339.7 ملي ميٽر برسات پئي ھئي، ٻئي پاسي انتظاميه ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پيل برسات سبب شھر جي ھيٺانھين وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو.

سنڌ ۾ ڪھڙي صورتحال آھي؟

ملڪ جَي مٿانهَن علائقن ۾ برسات سبب سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجز تي ڪٿي لاٿ ته ڪٿي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن تھ ڪچي واري علائقي مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي،  اختيارين  موجب گڊو بئراج وٽ ھڪ ھزار ڪيوسڪ جي واڌ بعد پاڻي وهڪرا 3 لک تائين پهتا آهن، آبپاشي کاتي موجب سکر بئراج وٽ 90 ھزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽيو آهي، جنهن بعد  وهڪرا 3 لک 49 ھزار تائين رڪارڊ ٿيا آهن، گڊو جيان ڪوٽڙي بئراج وٽ به 7 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وهڪرا وڌڻ بعد ننڍي درجي جي ٻوڏ  ڊڪليئر ٿيل آهي، ٻئي پاسي درياھھ ۾ چاڙھھ بعد سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي گھرن ۾داخل ٿي ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں