وارھ ۾ نوجوان جي فوتگي، مبينا طبي غفلت خلاف احتجاج، شفاف جاچ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

وارھ (رپورٽ: رياض احمد کٽياڻ): وارھ ۾ ڪاريهر نانگ جي ڏنگڻ سبب فوت ٿيل نوجوان منصب تونيو جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ ايڪو سائونڊ يونين وارهه پاران احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته منصب تونيو کي ڪاريهر نانگ ڏنگڻ کانپوءِ وارهه جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي سندن الزام موجب ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي مبينا غفلت سبب کيس بروقت ۽ مناسب طبي سهولتون نه ملي سگهيون، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حياتي بچي نه سگهي.

احتجاج ڪندڙن نادر ٻگهيو، يوسف تنيو، طارق ٻرڙو، طالب چانڊيو ۽ ٻين چيو ته منصب تونيو جي فوتگي واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ مبينا غفلت ۾ ملوث ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوتي جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته وارهه جي سرڪاري اسپتال ۾ ايمرجنسي ۽ نانگ جي ڏنگڻ وارن مريضن لاءِ گهربل طبي سهولتون، اينٽي وينم ۽ تربيت يافته عملي جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن.

احتجاج سبب فاضل راهو چوڪ تي ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر رهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں