ميهڙ (رپورٽ: سڌير چانڊيو): بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهري اتحاد ميهڙ جي سڏ تي 19هين ڏينهن به شهرين، سياسي، سماجي ۽ واپاري اڳواڻن سميت ميهڙ واسين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
احتجاج ڪندڙن ٻيٽو چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ ۽ اتان نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين پيادل مارچ ڪيو.
ان موقعي تي شهري اتحاد ميهڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو، پي ٽي آءِ تعلقي صدر محمد ايوب کوسو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل مير کوسو، وڪيل عابد ڪلهوڙو، سني ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ مولوي منظور چانڊيو، ڪريانه مرچنٽ جي صدر محبوب علي کوسو، محمد اسماعيل بروهي، عبدالفتاح شاهه، عالمگير ٿييم، محمد عرس کوسو، زبير سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو.
اڳواڻن چيو ته ميهڙ جا شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ۽ گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. واٽر سپلاءِ ۽ فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻيل آهن، جڏهن ته واٽر سپلاءِ جون لائينون مختلف هنڌن تان ٽٽل آهن.
هنن چيو ته شهر جون ڪالونيون، گهٽيون ۽ پاڙا گندگي سان ڀريل آهن، روڊ رستا تباهه آهن ۽ شهر ۾ ڪنهن به قسم جو گهربل ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي.
مظاهرين موجب تعلقي اسپتال ۾ به ماڻهن کي گهربل رليف نٿو ملي، جڏهن ته امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ميهڙ ۾ امن امان بحال ڪري شهر جا بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.
هنن خبردار ڪيو ته مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏهن ته بنيادي مسئلن جي حل تائين روزاني بنياد تي اهڙن انوکن احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.