ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين ۽ اداڪار امير گيلاني جي ذاتي زندگي بابت سوشل ميڊيا تي نيون قياس آرائيون شروع ٿي ويون آهن، هڪ تصوير ۾ ڪيڪ تي لکيل لفظن مداحن جي ڌيان ڇڪائي ورتو، جنهن کانپوءِ جوڙي جي پهرين ٻار جي پيدائش بابت بحث شروع ٿي ويو.
ماورا حسين پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي انسٽاگرام تي مختلف تصويرون شيئر ڪيون، پر انهن مان هڪ تصوير سوشل ميڊيا صارفين جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
تصوير ۾ ڪيڪ تي ”Cuteest Mama“ لکيل نظر آيو، جنهن کانپوءِ مداحن پاران اندازا لڳايا ويا ته ماورا حسين ۽ امير گيلاني شايد پنهنجي پهرين ٻار جا والدين بڻجي چڪا آهن.
رپورٽ موجب، ماورا حسين بعد ۾ اها تصوير پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڊليٽ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ مداحن جون قياس آرائيون وڌيڪ وڌي ويون.
سوشل ميڊيا صارفين جو هڪ انگ سمجهي ٿو ته جوڙو والدين بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ماورا حسين يا امير گيلاني طرفان هن حوالي سان اڃا تائين ڪو باضابطه اعلان سامهون ناهي آيو.
ان ڪري في الحال ٻار جي پيدائش بابت خبر جي ڪا سرڪاري تصديق موجود ناهي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڳالهيون قياس آرائين تائين محدود آهن.