پريشي عدنان جي لباس بابت ناديا خان جي سوالن تي شوبز شخصيتن جو ردعمل

فہرستِ مضامین

نوجوان فيشن ڊيزائنر پريشي عدنان کان جم جي لباس بابت سوال تي شروع ٿيل بحث سوشل ميڊيا تائين پهچي ويو، جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي پاڪستاني شوبز شخصيتن پريشي عدنان جي حمايت ڪئي ۽ ناديا خان جي سوال ڪرڻ واري انداز تي تنقيد ڪئي.

پريشي عدنان نيويارڪ فيشن ويڪ ۾ پنهنجي ڪليڪشن پيش ڪرڻ کانپوءِ ناديا خان جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان سندس جم جون وڊيوز ۽ لباس بابت سوال ڪندي پڇيو ته ڇا سندس والدين ان تي ناراض نٿا ٿين؟

پريشي عدنان جواب ڏيندي چيو ته حفاظت يقيناً اهم مسئلو آهي، پر کيس عورتن ۽ مردن طرفان اهڙا پيغام پڻ ملن ٿا، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سندس وڊيوز کان متاثر ٿي انهن ورزش ۽ اسٽرينٿ ٽريننگ شروع ڪئي.

بعد ۾ پريشي سوشل ميڊيا تي چيو ته کيس سوال جي پويان موجود مقصد جو اندازو ٿي ويو هو، پر هن پاڻ کي پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ڪئي.

معاملي کانپوءِ اداڪارا هانيه عامر پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي طنزيه انداز ۾ ساڳيو جملو لکيو، جيڪو ناديا خان پريشي کان سوال دوران چيو هو.

اداڪار ياسر حسين پڻ پريشي جي حمايت ڪندي ناديا خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ طنزيه تبصرو ڪيو.

گلوڪارا يشل شاهِد به منفرد انداز اختيار ڪندي ڪمبل اوڍي ورزش ڪرڻ جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ طنزيه انداز ۾ اهو تاثر ڏنو ته شايد جم ۾ تنقيد کان بچڻ لاءِ عورتن کي ڪمبل اوڍي ورزش ڪرڻي پوندي.

پريشي جي والده ۽ مشهور ڊيزائنر هما عدنان پڻ ڌيءَ جي حمايت ڪندي چيو ته هن کان ڪيل سوال غيرضروري هئا ۽ پنهنجي ڌيءَ تي فخر جو اظهار ڪيو.

ٻئي طرف معاملي تي سوشل ميڊيا تي به بحث جاري آهي، جتي ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ آهي ته پريشي عدنان جي بين الاقوامي ڪاميابي ۽ فيشن ڪيريئر بدران سندس لباس کي بحث جو مرڪز بڻايو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں