ماورا حسين جي سالگرهه، مڙس امير گيلاني سان دلڪش تصويرون وائرل

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارھ ماورا حسين هن ڀيري پنهنجي سالگرھ مڙس ۽ اداڪار امير گيلاني سان گڏ سادگي سان ملهائي، جنهن جون خوبصورت تصويرون سوشل ميڊيا تي مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون آهن.

ماورا حسين سالگرھ جي موقعي تي هلڪي بيبي پنڪ رنگ جي فراڪ ۾ نظر آئي، جڏهن ته امير گيلاني نيري رنگ جي شرٽ پهريل هئي. تصويرن ۾ اداڪارھ مختلف برٿ ڊي پروپس سان گڏ پوز ڏيندي نظر اچي رھي آهي.

تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان ماورا حسين کي سالگرھ جون مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون ڏنيون ويون.

مايا علي ۽ درِفشان سليم سميت ساٿي اداڪارن پڻ ماورا حسين ۽ امير گيلاني لاءِ محبت ۽ دعائن تي ٻڌل پيغام شيئر ڪيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں