دولت جي نمائش يوٽيوبر کي مهانگي پئجي وئي، گهر مان 81 تولا سون ۽ لکين رپيا چوري

فہرستِ مضامین

ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش هڪ يوٽيوبر لاءِ وڏو نقصان بڻجي وئي، جتي چور سندس گهر مان تقريبن هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جو سون، هيرن جا زيور ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.

ميڊيا رپورٽن موجب واردات ڪنياڪماري ضلعي جي ناگرڪوئل واري علائقي وي آءِ پي گارڊن ۾ پيش آئي، جتي مشهور يوٽيوبر مدھوميتا پنهنجي مڙس ونود ڪمار ۽ هڪ ٻار سان گڏ رھندي آهي.

ابتدائي جاچ موجب چورن يوٽيوبر جي وڊيوز ۽ آن لائن سرگرمين مان حاصل ڪيل معلومات کي استعمال ڪندي واردات جي منصوبابندي ڪئي.

رپورٽن مطابق مدھوميتا پنهنجي سوشل ميڊيا تي گهر ۽ رهائش بابت مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا هئا، جن مان چورن سندس رهائش بابت معلومات حاصل ڪئي.

رپورٽ موجب متاثر جوڙو زيورن ۽ نقد رقم سان گڏ وڊيوز به سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندو هو.

واردات واري ڏينهن مدھوميتا پنهنجي خاندان سان گڏ ڪپڙن جي خريداري لاءِ گهر کان ٻاهر وئي، جنهن دوران نامعلوم چورن گهر جي پوئين دروازي کي ڪٽي اندر داخل ٿيڻ جو رستو ٺاهيو.

چورن گهر مان 81 تولا سون ۽ لکين رپيا نقد رقم چوري ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں