ممبئي (شوبز ڊيسڪ): بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينيتي چوپڙا ماءُ بڻجڻ کان پوءِ پنهنجي جسم ۾ آيل تبديلين بابت ٿيندڙ تنقيد تي کليل نموني جواب ڏنو آهي.
هڪ تازي انٽرويو دوران پرينيتي چوپڙا سوال اٿاريندي چيو ته ٻار جي پيدائش کان پوءِ عورت جي جسم ۾ ايندڙ تبديلين کي منفي نظر سان ڇو ڏٺو وڃي ٿو؟
اداڪارا جو چوڻ هو ته جسم ۾ ڪنهن به تبديلي کي منفي قرار ڏيڻ سندس سمجهه کان ٻاهر آهي. سندس مطابق ٻار جي پيدائش کان صرف ڪجهه مهينن اندر عورت کان ٻيهر اڳ جهڙي شڪل ۾ اچڻ جي اميد رکڻ مناسب رويو ناهي.
پرينيتي چوپڙا چيو ته هوءَ پنهنجي جسم ۾ آيل انهن تبديلين کي اعزاز سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي ماءُ بڻجڻ جي سفر جو حصو آهن.
اداڪارا اهو سوال پڻ اٿاريو ته شادي ۽ ٻارن کان پوءِ اداڪارائن طرفان مخصوص ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن کي تنقيد جو نشانو ڇو بڻايو وڃي ٿو؟
پرينيتي چوپڙا ۽ راگھو چڊها جي شادي سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿي هئي. جوڙي آگسٽ 2025ع ۾ پنهنجي ٻار جي اچڻ جو اعلان ڪيو ۽ آڪٽوبر ۾ پٽ جا والدين بڻيا.
جوڙي پنهنجي پٽ جو نالو ’نير‘ رکيو، جنهن جي معنيٰ پاڪيزگي ۽ وقار ٻڌائي وڃي ٿي.