بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي سربراھھ ڊاڪٽر ماھرنگ بلوچ ۽ تنظيمن جي چئن عھديدارن جي رمانڊ ۾ 15 ڏينھن جي واڌ ڪئي وئي آھي.
ڊاڪٽر ماھرنگ بلوچ، بيبو بلوچ، گلزادي بلوچ، صبغت اللھ عرف شاھھ ۽ ٻين کي سخت سڪيورٽي ۾ ڪوئيٽا جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران ماھرنگ بلوچ ۽ ٻين جي رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي، جنھن جي جوابدارن جي وڪيل طرفان مخالفت ڪئي وئي.، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ماھرنگ بلوچ ۽ ٻين جي رمانڊ ۾ 15 ڏينھن جي واڌ ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر ماه رنگ ۽ ٻين جي وڪيل اسرار جتڪ ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته اڳ ۾ ئي مجموعي طور 45 ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو ويو آهي، جج واضح ڪيو ته هي آخري ڀيرو سڀني ڪيسن ۾ رمانڊ ڏنو پيو وڃي.

بيبو بلوچ جي والد جي گرفتاري
بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻ بيبو بلوچ جي والد ۽ نيشنل پارٽي جي ڪارڪن غفار بلوچ کي به گرفتار ڪيو ويو هو، پر کيس گذريل رات آزاد ڪيو ويو، وڪيل اسرار جتڪ موجب غفار بلوچ کي پهرين ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو ويو هو، بعد ۾ کيس ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو، عدالت ريمانڊ بدران کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ماھرنگ بلوچ کي ڪڏھن ۽ ڇو گرفتار ڪيو ويو؟

بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي سربراھھ ماھرنگ بلوچ کي 22 مارچ 2022 تي ھڪ احتجاج دوران گرفتار ڪيو ويو ھو، ماھرنگ بلوچ ۽ ٻين جعفر ايڪسپريس حملي بعد ڪوئيٽا جي ھڪ اسپتال تي ڪاھھ ڪئي ھئي، سندن چوڻ ھو تھ جعفر ايڪسپريس حملي ۾ مارجي ويلن جا لاش سندن حوالي ڪيا وڃن، بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي احتجاج بعد کين گرفتار ڪيو ويو ھو.
جعفر ايڪسپريس تي حملو
11 مارچ 2025 تي بلوچستان جي علائقي بولان پاس وٽ جعفرايڪسپريس تي دھشتگردن حملو ڪيو، جنھن ۾ لڳ ڀڳ 450 مسافر سوار ھئا، جنھن بعد سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري يرغمال بڻيل مسافرن کي بازياب ڪرايو، دھشتگردن طرفان ڪجھھ مسافرن کي شھيد بھ ڪيو ويو ھو، وزيراعظم شھباز شريف ۽ ٻين طرفان حملي جي مذمت ڪئي وئي.
جعفر ايڪسپريس حملي ۾ ڀارت جو ڪردار
جعفر ايڪسپريس تي حملي بعد پاڪستان موقف اختيار ڪيو تھ ھن حملي ۾ پابندي مڙھيل تنظيم سان گڏ ڀارتي ڳجھي ايجنسي را جو بھ ڪردار آھي، پاڪستان جو موقف آھي تھ ڀارتي ڳجھي ايجنسي را پاڪستان ۾امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۾ ڀارت جو وڏو ھٿ آھي، پاڪستان جي وزيراعظم شھباز شريف ۽ ٻين حملي بعد چيو ھو تھ ڀارتي پراڪسيز پاڪستان جي امن کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿيون، ھو اھڙي قسم جو عمل برداشت نھ ڪندا، بلوچستان مان دھشتگردن ۽ ڀارتي پراڪسيز جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو، وزيراعظم شھباز شريف ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ھو تھ معصوم شھرين تي حملا ڪندڙن کي بخش نھ ڪيو ويندو.