پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو ٻيو پٽ به گرفتار

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمھ خان جي ننڍي پٽ شير شاھھ کي لاھور مان حراست ۾ ورتو ويو آھي.

ايس ايس پي انويسٽيگيشن جو چوڻ آھي تھ علميھ خان جي پٽ شير شاھھ کي 9 مئي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب شيرشاھھ کي عدالت کان واپس ايندي گرفتار ڪيو ويو، خانداني ذريعن جو چوڻ آھي تھ شير شاھھ کي گرفتار ڪندڙ اھي ئي آھن جن عليمھ خان جي وڏي پٽ کي گرفتار ڪيو ھو.

پٽن جي گرفتاري تي عليمه خان جو رد عمل

گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمھ خان جي پٽ شاھريز خان کي گرفتار ڪيو ويو ھو، پٽ جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي عليمھ خان چيو تھ گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ باني کي ضمانت ملي ۽ ھاڻي وري سندس پٽ شاھريز کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ھو اھڙين شين کان ڊڄڻ وارا ناھن، ھن چيو تھ سندس پٽ جو سڄو ڌيان ڪاروبار تي آھي، اڄ تائين ڪنھن کيس ھتي ڏٺو بھ نھ ھوندو.

عليمه خان جي پٽ شاھريز جو رمانڊ

لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جناح ھائوس حملي ڪيس ۾ عليمھ خان جي پٽ شاھريز جو 8 ڏينھن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، لاھور پوليس گذريل ڏينھن گرفتار ڪيل شاھريز کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ کيس 2 سال دير سان گرفتار ڪيو ويو آھي، جوابدار جي ماءُ ڪيس ۾ بري ٿي چڪي آھي، شاھريز کي بھ بري ڪيو وڃي.

شاھريز جي گرفتاري سازش قرار

پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ کين اڄ خبر پئي آھي تھ شاھريز بھ ھن ڪيس ۾ گھربل ھو، سندس گرفتاري سازش آھي، ان موقعي تي عليمھ خان چيو تھ سندس پٽ جي گرفتاري سمجھھ کان ٻاھر آھي، گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ باني کي ضمانت ڏئي وري سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

حملا ڪندڙ معافي جا حقدار ناھن: عظميٰ بخاري

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري عليمھ خان جي پٽن جي گرفتاري تي رد عمل  ڏيندي چيو تھ 9 مئي تي حملا ڪندڙ جوابدار معافي جا حقدار ناھن، 9مئي ھڪ ناڪام بغاوت ھئي، جنھن جا سمورا ثبوت موجود آھن، 9مئي جھڙا واقعا ڪندڙ ماسٽر مائينڊ جو بھ احتساب ٿيڻ گھرجي، کيس پنھنجن گناھن جو حساب ڏيڻو پوندو.

نو مئي آهي ڇا؟

9 مئي 2023 تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن بعد مختلف شھرن ۾ فوجي ھنڌن تي حملا ڪيا ويا ھئا، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري بعد لاھور، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرا ڪيا، احتجاج ڪندڙن ڪور ڪمانڊر ھائوس ۽ ٻين ھنڌن کي نشانو بڻايو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں