لاهور(ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي لاهور ۾ اڄ شام 5 وڳي اسٽرِيٽ موومينٽ ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن پنجاب پوليس تي رستا بند ڪرڻ، ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ احتجاج ڪندڙن کي پيٽرول فراهم ڪرڻ کان روڪڻ جا الزام لڳايا آهن.
ويڊيو پيغام ۾ سھيل آفريدي چيو ته گذريل ڏينهن ڪنهن به ڪال کانسواءِ عوام وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيو، پر پنجاب پوليس رستن ۾ رڪاوٽون وجهي رستا بند ڪري ڇڏيا.
سندس چوڻ هو ته هو لاهور ۾ موجود آهي ۽ اڄ شام 5 وڳي اسٽرِيٽ موومينٽ لاءِ نڪرندا. هن الزام لڳايو ته جنهن هنڌ وڃڻو هو، اتي جون بتيون بند ڪيون ويون.
سھيل آفريدي وڌيڪ چيو ته پيٽرول پمپ بند ڪرايا ويا، گاڏين کي پيٽرول ڏيڻ کان روڪيو ويو، رهائش واري هنڌ تان ٽينٽ به لاهيا ويا ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير موجب پنجاب پوليس ڪارڪنن کي گرفتار ڪري قيدي وين ۾ ويهاريو، جنهن تي هو احتجاج طور پوليس وين تي بيهي رهيو. سندس چوڻ هو ته ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو چيو ويو، پر کين آزاد نه ڪيو ويو.
سھيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته کيس بغير سيڪيورٽي جي 15 منٽن تائين لاهور جي روڊن تي گهمايو ويو ۽ پوءِ وچ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ويو، جيڪو سندس بقول وڏو سيڪيورٽي رسڪ هو.
هن وڌيڪ چيو ته کيس سيڪيورٽي ٿريٽ نه پر سيڪيورٽي مان ئي خطرو آهي، جڏهن ته پنجاب پوليس کي سياسي بڻائي ”زھريلو“ ڪيو ويو آهي.