لائیو پيٽرول مهانگو، حڪومت جو ”اسمارٽ لاڪ ڊائون“ تي غور، ڇا آفيسون ۽ مارڪيٽون بند ڪرڻ سان مسئلو حل ٿيندو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻارڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي حڪومت ”پيٽروليم اسمارٽ لاڪ ڊائون“ لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت آفيسن جا ڪم وارا ڏينهن گهٽائڻ، ٽرانسپورٽ محدود ڪرڻ ۽ مارڪيٽن جي بندش جون تجويزون سامهون اچي ويون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ هفتي جا 4 ڏينهن ڪم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ ٽرانسپورٽ گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي روٽيشن بنياد تي ڪم ڪرائڻ جو فارمولو پڻ غور هيٺ آهي.

ان کانسواءِ مارڪيٽن کي 3 ڏينهن بند رکڻ ۽ دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن جا اوقاتِ ڪار گهٽائڻ بابت به تجويزون غور هيٺ آهن.

ذريعن موجب پيٽروليم اسمارٽ لاڪ ڊائون بابت حتمي فيصلو اڄ شام متوقع آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں