بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور خان پنهنجي پٽن تيمور ۽ جيه جي پرورش بابت اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ٻارن کي ذاتي موبائل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي. ڪرينا موجب هوءَ ٻارن جي اسڪرين ٽائيم ۽ ڊجيٽل دنيا بابت تمام گهڻي محتاط آهي.
ڪرينا ڪپور ٻڌايو ته تيمور جي آيا وٽ موبائل فون آهي، جنهن کي تيمور پنهنجو فون سمجهي ٿو، پر هوءَ کيس واضح طور ٻڌائي ٿي ته اهو سندس فون ناهي.
اداڪارا موجب تيمور اهو به پڇيو ته ڇا هو پنهنجي دوستن کي ٻڌائي سگهي ٿو ته هي سندس فون آهي، پر هن ان جي به اجازت نه ڏني.
ڪرينا چيو ته ٻار کيس ۽ پنهنجي والد سيف علي خان کي موبائل فون استعمال ڪندي ڏسن ٿا، پر جڏهن ٻار فون تي مسلسل راند کيڏڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ته کيس سندن هٿن مان فون وٺڻو پوي ٿو.
اداڪارا مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ اثرن بابت به پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هوڏانهن ڪرينا ڪپور پنهنجي نئين فلم ’دائرا‘ جي رليز جي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ سندس گڏ پرتھوي راج سوڪمارن پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فلم 18 سيپٽمبر تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيڻ واري آهي.