ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت سمورن بلدياتي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وزير بلديات ناصر حسين شاهه صوبي جي سمورن بلدياتي ادارن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. واٽر ڪارپوريشن سميت لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي آهي ته ڊي واٽرنگ پمپس، مشينري ۽ ٻيا ضروري وسيلا مڪمل طور فعال رکيا وڃن، جيئن برسات دوران پاڻي جي نيڪال ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي.
هن چيو ته برساتي نالن ۽ پاڻي جي گذرگاهن ۾ پاڻي جي وهڪري کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.
ناصر حسين شاهه شهرين کي به احتياط جي هدايت ڪندي چيو ته تيز برسات ۽ هوائن دوران وڻن ۽ هورڊنگز هيٺ بيهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.