اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ نرسري ۾ لڳل باهه جي افسوسناڪ واقعي بابت وزيراعظم شهباز شريف جي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ پمز انتظاميا جي ناڪامي کي ثابت ٿيل قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب باهه برقي خرابي سبب لڳڻ جو قوي امڪان آهي، جڏهن ته حفاظتي انتظامن ۾ موجود سنگين خامين سبب 14 نوان ڄاول ٻار حياتيون وڃائي ويٺا.
رپورٽ موجب نرسري ۾ باهه لڳڻ جو امڪاني سبب اي سي نمبر 2 جي بجلي جي سپلاءِ ڪيبل ۾ خرابي هئي. جاچ دوران تخريبڪاري يا آءِسڪو جي فالٽ جا ڪي به ثبوت نه مليا.
انڪوائري ڪميٽي موجب آڪسيجن ليڪيج يا انڪيوبيٽر مان باهه لڳڻ جو به ڪو ثبوت سامهون نه آيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته باهه لڳڻ کان پوءِ فرنٽ لائن عملي شروعاتي لمحن ۾ فوري ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته ڪنهن به شخص خلاف مجرماڻي ڏوهه ثابت نه ٿيو.
انڪوائري رپورٽ موجب نرسري ۾ دونهين جي پاڻمرادو سڃاڻپ ۽ مؤثر الارم جو نظام موجود نه هو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 6 جولاءِ تي نرسنگ هاسٽل ۾ لڳل باهه واري واقعي دوران به فائر سيفٽي جون خاميون سامهون آيون هيون، پر اڳوڻين حفاظتي وارننگز تي مناسب عملدرآمد نه ڪيو ويو.
رپورٽ موجب واقعي وقت نرسري ۾ 15 نوان ڄاول ٻار علاج هيٺ هئا، جڏهن ته نرسري جي گنجائش صرف 10 بيڊن جي هئي.
ڪميٽي قرار ڏنو ته ٻار صرف حفاظتي نظام جي ناڪامي سبب نه، پر ڪيترن ئي ناڪافي ۽ ڪمزور حفاظتي قدمن سبب حياتيون وڃائي ويٺا.
انڪوائري ڪميٽي برقي تنصيب، ايمرجنسي رستن ۽ اڳوڻين حفاظتي وارننگز بابت وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ پمز اسپتال ۾ فوري طور فائر سيفٽي، لائف سيفٽي ۽ اليڪٽريڪل آڊٽ ڪرائڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه نون ڄاول ٻارن لاءِ خاص ايمرجنسي اييوڪيوايشن ايس او پيز تيار ڪرڻ، فائر ڊٽيڪشن، الارم ۽ ايمرجنسي ايگزٽ سسٽم کي فوري طور فعال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پمز سانحي جي انڪوائري رپورٽ اسپتالن ۾ فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي انتظامن بابت سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ فوري حفاظتي قدمن تي زور ڏنو آهي.