لائیو ڇا مصنوعي ذھانت انسانن جھڙو شعور حاصل ڪري چڪي آھي؟

فہرستِ مضامین

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مصنوعي ذهانت جي تيزيءَ سان وڌندڙ صلاحيتن بابت هڪ نئين ۽ حيران ڪندڙ دعويٰ سامهون آئي آهي، جتي مشهور فلسفي ۽ مصنوعي ذهانت جي خطرن بابت ماهر نِڪ بوسٽروم چيو آهي ته اي آءِ جا ڪجهه موجوده نظام عملي طور انساني سطح جو شعور ۽ خود آگاھي حاصل ڪري چڪا آهن.

نِڪ بوسٽروم موجب مصنوعي ذهانت جا ڪجهه نظام اها سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ته اهي آزمائشي مرحلي ۾ آهن يا حقيقي دنيا ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، ۽ ڪجهه حالتن ۾ ان بنياد تي پنهنجو رويو پڻ تبديل ڪن ٿا.

ماهر جو چوڻ آهي ته مصنوعي ذهانت اخلاقي معاملن تي پيچيده انداز ۾ غور ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر ڪنهن اخلاقي اصول کي سمجهڻ ۽ ان اصول تي عمل ڪرڻ جي خواهش رکڻ ٻه مختلف شيون آهن.

هن وضاحت ڪئي ته اي آءِ جي صلاحيتن کي صرف ان بنياد تي انساني شعور سان برابر قرار ڏيڻ مناسب نه هوندو، ڇاڪاڻ ته شعور، سمجهه ۽ ارادي بابت ڪيترائي سوال اڃا به بحث هيٺ آهن.

نِڪ بوسٽروم خبردار ڪيو ته ويجهي مستقبل ۾ لکين مصنوعي ذهانت وارا ايجنٽ انتهائي گهٽ خرچ تي تيار ٿي سگهن ٿا، جن کي غلط هٿن ۾ وڃڻ جي صورت ۾ خطرناڪ حياتياتي تحقيق سميت تباهه ڪندڙ مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هن حڪومتن تي زور ڏنو ته حياتياتي دفاع کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ جينياتي مواد تيار ڪندڙ مشينن جي مؤثر نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.

بوسٽروم موجب مصنوعي ذهانت کي انساني مفادن سان هم آهنگ ڪرڻ ئي ان سان لاڳاپيل خطرن کي گهٽائڻ جو بنيادي حل آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن مصنوعي ذهانت کي انساني مقصدن سان صحيح طريقي سان هم آهنگ ڪيو ويو ته اها بيمارين جي علاج، انساني زندگيون بچائڻ ۽ عالمي خوشحالي ۾ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

ساڳئي وقت نِڪ بوسٽروم چيو ته مصنوعي ذهانت جي مستقبل جي اثرن بابت هو اڃا تائين گهري غير يقيني جو شڪار آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اي آءِ جي ايندڙ مرحلن بابت ڪيترائي اهم سوال اڃا تائين جواب طلب آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں