اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني مصنوعات کي عالمي معيار مطابق بڻائڻ ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ڇو ته برآمدات ۾ واڌ ملڪ جي معاشي ترقي جي بنياد بڻجي سگهي ٿي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي برآمدات وڌائڻ ۽ معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ بابت جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ برآمداتي شعبي جي ڪارڪردگي ۽ عالمي منڊين ۾ پاڪستاني شين جي رسائي وڌائڻ بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته روايتي برآمداتي شعبن سان گڏ وڌيڪ شعبن کي پڻ عالمي مارڪيٽن لاءِ تيار ڪيو وڃي، جيئن پاڪستان جي برآمداتي بنياد کي وسيع ڪري سگهجي.
هن چيو ته واپار کي وڌيڪ متنوع بڻائڻ لاءِ مختلف شعبن ۽ صنعتن کي برآمداتي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته برآمدات ۾ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
وزيراعظم برآمد ڪندڙ صنعتن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪي معيشت کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي.
شهباز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ صنعتن ۾ جديد طريقا، تحقيق ۽ جدت متعارف ڪرائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم برآمد ڪندڙن کي درپيش انتظامي ۽ ڪاروباري رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
هن چيو ته برآمداتي عمل کي وڌيڪ آسان، تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، جيئن واپارين ۽ صنعتڪارن کي سهولتون فراهم ٿي سگهن ۽ پاڪستاني شين جي عالمي منڊين تائين رسائي وڌي سگهي.
وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته برآمدات ۾ واڌ، صنعتن جي جديدڪاري ۽ ويليو ايڊيشن ذريعي ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گهربل قدم کنيا ويندا.