لائیو برڪس اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي تقريرن دوران ڀارتي عملدار ڇا ڪندا رهيا؟ وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي تماشو بڻجي ويا

فہرستِ مضامین

نئين دهلي (انٽرنيشنل ڊيسڪ): برڪس سربراهي اجلاس دوران اهم عالمي اڳواڻن جي تقريرن وقت ڀارتي اعليٰ عملدارن جي خشڪ ميوا کائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ اهي صارفين جي طنز ۽ تنقيد جو نشانو بڻجي ويا آهن.

وائرل وڊيو ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رندير جيسوال کي ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي تقرير دوران ميون جي هڪ دٻي مان بار بار ميوا ڪڍندي ۽ کائيندي ڏٺو ويو. وڊيو ۾ هو ميوا کائڻ کانپوءِ ٻيهر دٻي ڏانهن هٿ وڌائيندي پڻ نظر اچي ٿو.

رندير جيسوال کانسواءِ ڀارت جي قومي سلامتي واري صلاحڪار اجيت دوول جي هڪ وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي تقرير دوران خشڪ ميوا کائيندي نظر اچي رهيا آهن.

اهي وڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي عملدار سوشل ميڊيا تي مذاق جو موضوع بڻجي ويا، جڏهن ته صارفين پاران انهن جي انداز تي مختلف تبصرا ۽ طنز ڪيا پيا وڃن.

واضح رهي ته برڪس جو 18هون سربراهي اجلاس 12 ۽ 13 سيپٽمبر تي نئين دهلي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ چين جي صدر شي جن پنگ، روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سميت مختلف ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عالمي ۽ علائقائي معاملن تي اهم خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اجلاس جي دوران ڀارتي عملدارن جي ميوا کائڻ واريون وڊيوز هاڻي سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں