ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل شعبن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ اميدوارن جي مسلسل گهٽجندڙ انگ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي ويو آهي. پي ايم اي جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي گهٽتائي رڳو رجسٽريشن جي آخري تاريخ جو مسئلو ناهي، پر نوجوانن ۾ طبي شعبي بابت وڌندڙ مايوسي ۽ بددلي جو به اشارو آهي.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جاري ڪيل بيان موجب 2022ع ۾ ايم ڊي ڪيٽ لاءِ 2 لک 4 هزار 253 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي هئي، جيڪا 2026ع ۾ گهٽجي 1 لک 38 هزار تائين پهچي وئي آهي.
پي ايم اي موجب 2025ع ۾ 1 لک 40 هزار 71 اميدوارن ايم ڊي ڪيٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي هئي، جڏهن ته هن سال رجسٽريشن پورٽل ٻيهر کولڻ باوجود صرف 2 هزار 63 وڌيڪ اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي.
پي ايم اي جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي انگ ۾ گهٽتائي جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ پرائيويٽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جون ڳريون فيسون، پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ٽريننگ سيٽن جي شديد کوٽ ۽ نوجوان ڊاڪٽرن جون گهٽ شروعاتي پگهارون شامل آهن.
ايسوسيئيشن موجب نوجوان ڊاڪٽرن کي اسڪالرشپس ۽ وظيفن جي ادائيگي ۾ به دير کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب طبي شعبي بابت مايوسي وڌي رهي آهي.
پي ايم اي چيو آهي ته اسپتالن ۾ طبي عملي خلاف تشدد جا واقعا پڻ ڳڻتي جوڳا آهن، جنهن سبب صحت جي ادارن ۾ غير محفوظ ماحول پيدا ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو ته هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز جي تحفظ لاءِ وفاقي قانون منظور ڪيو وڃي ۽ هائوس آفيسرن ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ريزڊنٽس کي وظيفن جي بروقت ادائيگي يقيني بڻائي وڃي.
پي ايم اي وڌيڪ مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۽ طبي مرڪزن ۾ باقاعده ميڊيڪل آفيسرن جون نيون پوسٽون پيدا ڪيون وڃن، جيئن نوجوان ڊاڪٽرن لاءِ روزگار ۽ تربيت جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿي سگهن.