لاهور (ويب ڊيسڪ): عالمي يومِ جمهوريت جي موقعي تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت جي ڪاميابي لاءِ باشعور عوام، ايماندار قيادت ۽ قانون جي عملداري بنيادي حيثيت رکن ٿا، جڏهن ته احتساب ۽ آئين جي بالادستي جمهوريت جي اصل روح آهن.
مريم نواز شريف عالمي يومِ جمهوريت تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد جمهوري قدرن ۽ اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. جمهوريت رڳو هڪ سياسي نظام جو نالو ناهي، پر ملڪ جي ترقي ۽ فيصلن ۾ عوام جي فعال ڪردار جو هڪ مسلسل عمل آهي.
هن چيو ته جمهوريت هڪ مسلسل سفر آهي، جنهن جي منزل هڪ متوازن ۽ فلاحي معاشرو آهي. ان سفر کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عوام ۾ شعور، قيادت ۾ ايمانداري ۽ معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ضروري آهي.
وزيراعليٰ پنجاب چيو ته احتساب جمهوريت جو اهم ستون آهي ۽ عالمي يومِ جمهوريت جي موقعي تي ڪرپٽ عنصرن جي احتساب واري عزم کي ٻيهر ورجايو وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ منظم مهم جاري آهي، جڏهن ته آئين جي بالادستي ئي جمهوريت جي اصل روح آهي.
مريم نواز چيو ته جمهوري قدرن جي واڌاري ۽ ادارن جي مضبوطي لاءِ سول سوسائٽي ۽ رياستي ادارن جو فعال ڪردار انتهائي اهم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ باہمي برداشت، مفاهمت ۽ پارلياماني روايتن جو تسلسل لازمي آهي.
مريم نواز شريف موجب جمهوريت ئي سياسي، معاشي ۽ سماجي استحڪام جي منزل تائين پهچڻ جو واحد رستو آهي.