ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل معاشري ۾ مڙسن پاران پنهنجي زالن سان نامناسب رويي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته تقريبن 98 سيڪڙو مرد دوستن جي محفل ۾ پنهنجي زال جو مذاق اڏائيندا آهن، جيڪو اسان جي ديسي ڪلچر ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿو.
تازو هڪ مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي سنيتا مارشل چيو ته مڙس اڪثر دوستن جي وچ ۾ پنهنجي زال کي مذاق جو نشانو بڻائيندا آهن، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته مغربي معاشرن ۾ اهڙو رويو ايترو عام ناهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪا زال سڀني جي سامهون پنهنجي مڙس کي ڪو مشورو ڏئي ٿي ته ڪيترائي مڙس ان ئي وقت کيس چوندا آهن ته پنهنجا مشورا پاڻ وٽ رکو، بيوقوفي واريون ڳالهيون نه ڪر.
سنيتا مارشل موجب، اهڙي ڳالهه سڀني جي سامهون ڪرڻ بدران مڙس پنهنجي زال کي بعد ۾ اڪيلائي ۾ سمجهاڻي ڏئي سگهي ٿو ته سندس ڏنل مشورو درست نه هو.
سنيتا مارشل چيو ته اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي مردن جي ذهنيت اهڙي ٺاهي ويندي آهي ته زال مڙس کان گهٽ درجي جي آهي.
هن چيو ته زالون اڪثر پنهنجي مڙسن سان احترام سان ”اوهان“ چئي ڳالهائينديون آهن، پر مڙس زال لاءِ ”تون“ وارو لفظ استعمال ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس لڳندو آهي ته زال کانئس ننڍي آهي.
اداڪارا موجب، اهڙي ذهنيت سبب ڪجهه مڙسن کي اهو احساس پيدا ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجي زال جو مذاق اڏائي سگهن ٿا يا دوستن جي سامهون کيس گهٽ ڏيکاري سگهن ٿا.
سنيتا مارشل جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي ويو آهي، جتي صارفين سندس خيالن سان اتفاق ۽ اختلاف ڪندي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.