انقره (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدو اسلامي دنيا لاءِ هڪ اهم پيغام آهي، جنهن جا مثبت اثر جلد سامهون اچڻ جي اميد آهي.
ترڪ صدر ترڪي جي صوبي سامسون ۾ نوجوانن لاءِ منعقد ڪيل هڪ خاص پروگرام کي خطاب ڪندي مڪي معاهدي بابت ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي گڏجي هڪ اهم قدم کنيو آهي ۽ ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
رجب طيب اردوان جو چوڻ هو ته ”اسان هن معاملي ۾ ڪامياب ٿينداسين“ ۽ ٽنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ترڪ صدر چيو ته ترڪي آبنائے هرمز ۾ ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر رکي رهيو آهي، جڏهن ته رڳو هرمز نه پر خليج جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به سنگين نوعيت جون مشڪلاتون موجود آهن.
هن چيو ته خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي معمولي معاملو سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جا اثر اسلامي دنيا ۽ خطي جي سلامتي تي پئجي سگهن ٿا.
رجب طيب اردوان چيو ته ترڪي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ خطي ۾ سفارتي ۽ ٻين ڪوششن کي جاري رکيو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ترڪي جي ڪوشش آهي ته خطي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي.
ترڪ صدر موجب سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل قدم خطي جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهميت رکي ٿو ۽ مڪي دفاعي معاهدي جا مثبت اثر اڳتي هلي وڌيڪ واضح ٿي سگهن ٿا.