خيبرپختونخواه ۾ تباهي: بونير ۾ 400 کان وڌيڪ فوتگيون:2 هزار کان وڌيڪ گهر، اسڪول ۽ 639 گاڏيون تباهه

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جي مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، بونير جي ضلعي انتظاميه تازو رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ انگ 400 کان وڌي ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر بونير، ڪاشف قيوم موجب تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب بونير ضلعي ۾ 401 ماڻهو فوت ۽ 671 زخمي ٿيا آهن۔

ڊپٽي ڪمشنر صحافين کي بريفنگ ۾ 401 شهرين جي فوت ٿيڻ، 471 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ ۽ 4 هزار 54 ڍورن مرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2 هزار 300 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته 413 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، تعليمي ڍانچو به سخت متاثر ٿيو آهي ۽ 6 سرڪاري اسڪول پاڻي وهڪرن سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

ضلعي انتظاميه جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٻه ٿاڻا ٻوڏ ۾ لڙهي ويا آهن، 639 گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن، 127 دڪان مڪمل طور ختم ٿي ويا ۽ 824 کي جزوي نقصان پهتو آهي۔

ڊپٽي ڪمشنر تصديق ڪئي آهي ته ٻه وڏا پل پاڻي ۾ وهي ويا آهن، جڏهن ته 4 پلن کي جزوي طور نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ واري صورتحال ۾ صحت جون سهولتون به سخت متاثر ٿيون آهن، 3سرڪاري اسپتالن جي عمارت کي به جزوي طور نقصان پهتو آهي۔

ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون ڏکيائين باوجود جاري آهن، اسان جون ٽيمون ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن فوري امداد فراهم ٿي سگهي، پر نقصان تمام گهڻو آهي ۽ بحالي ۾ وقت لڳندو۔

پاڪ فوج به امدادي ڪارروائين ۾ مصروف

خيبرپختونخواه جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ عوام جي مدد لاءِ پاڪ فوج طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن، ترجمان مطابق پاڪ فوج طرفان بونير جي مختلف علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهن، ڳوٺ چوراڪ ۾ به فوجي جٿا يسڪيو ڪاررواين ۾ شريڪ آهن۔

آدم خيل ۾ تباهه ٿيل گهرن جي ملبن هيٺ دبيل ماڻهن کي به ريسڪيو ڪيو پيو وڃي، متاثر خاندانن کي راشن ۽ بسترا فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، خراب موسم جي باوجود پاڪ فوج جا هيلي ڪاپٽر ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں