سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻين صوبن جي اميدوارن کي سنڌ ۾ ڀرتي ڪرڻ بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته کين ڊوميسائل ۽ ٻين سرٽيفڪيٽن جي جاچ جو اختيار نه آهي، ايس پي ايس سي کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اداري ڪوڙيون افواهون پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اشارو به ڏنو آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حيثيت
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) سنڌ حڪومت جو هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو صوبي ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ ميرٽ جي بنياد تي اميدوارن جي چونڊ ڪري ٿو. هي ادارو گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، انٽرويوز ۽ چونڊ جو عمل سرانجام ڏئي ٿو.
ڪميشن جي وضاحت
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري پاران وضاحت ڪئي وئي آهي ته ايس پي ايس سي جي ڀرتي جو عمل صرف سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ اميدوارن لاءِ آهي، ٻين صوبن جي اميدوارن کي قبول نه ڪيو ويندو.

ايس پي ايس سي موجب، ڊوميسائل ۽ ٻين سرٽيفڪيٽن جي جاچ جو اختيار اداري وٽ نه آهي. ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ جو اختيار رڳو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميا وٽ هوندو آهي.
ايس پي ايس سي جي سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اميدوارن جي ڊگري ۽ ڊوميسائل جي تصديق به ايس پي ايس سي نٿي ڪري، اهو لاڳاپيل کاتن جي ذميواري آهي. اميدوارن جي سندن جي جاچ انتظامي ادارن جي ذميواري آهي.
سيڪريٽري اها به وضاحت ڪئي ته آفر ليٽر کان اڳ سڀني قانوني ڪاررواين کي لاڳاپيل انتظامي کاتا مڪمل ڪن ٿا، جاين لاءِ ريگوليشنز 2023 تحت اشتهار ڏنا وڃن ٿا ۽ امتحان ورتا وڃن ٿا.
سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس پي ايس سي جي ڀرتي واري عمل ۾ قابليت جي معيار تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ٿو، ايس پي ايس سي کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اداري خبردار ڪيو آهي ته ڪوڙيون افواهون ڦهلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڇا آهي؟
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) هڪ قانوني ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت لاءِ اعليٰ سول سروس جي عهدن تي ڀرتي لاءِ اميدوارن جي امتحان، چونڊ ۽ سفارش جو اختيار رکي ٿو.
ايس پي ايس سي ۾ اهم ڪردار چيئرمين جو هوندو آهي، جيڪو اڪثر ڪري سول سرونٽ هوندو آهي. ڪميشن جا چار ميمبر هوندا آهن. ادارو مختلف جاين لاءِ اشتهار ذريعي اميدوارن کان درخواستون وٺي ٿو.
هن عمل ۾ شروعاتي اسڪریننگ ٽيسٽ، ان بعد لکت وارو امتحان ۽ آخر ۾ انٽرويو شامل هوندو آهي. هي عمل ڪجهه ڊگهو هوندو آهي ۽ نتيجن جي جاري ٿيڻ ۾ ڪيتريون هفتا يا مهينا به لڳي سگهن ٿا.
اداري تي الزامن
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي مختلف وقتن تي ٻين صوبن جي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ مبينا طور رشوت جي عيوض اميدوارن جي چونڊ جا الزام لڳندا رهيا آهن، پر ادارو انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪندو رهيو آهي. تازو سنڌ پوليس ۾ ايس پي ايس سي جي ذريعي ٿيندڙ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) جي ڀرتي ۾ 60 لک رپين جي رشوت جو الزام سامهون آيو هو، پر ادارو انهن الزامن جي به سختي سان ترديد ڪئي آهي.