خيبرپختونخواهه ۾ برساتن جي تباهي ۾ 219ماڻهو فوت: صوبي ۾ اڄ سوڳ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين ڊاٽ سنڌي/اسلام آباد

خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ طوفاني برساتن بعد ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي  آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 219 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

گلگت بلتستان ۾ 12 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، صوبائي حڪومت اڄ سوگ جو اعلان ڪيو آهي، وڏي وزير متاثر ضلعن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب، باجوڙ ۾ 21، بونير ۾ 91، شانگله ۾ 23، سوات ۾ 20، بٽگرام ۾ 15 ۽ مانسهره ۾ 23 ماڻهو فوت ٿيا آهن.

رپورٽ موجب، 14 عورتون ۽ 12 ٻار به ٻوڏ ۾ حياتي وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 21 ماڻهن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

 پي ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 68 گهرن کي نقصان پهتو، جن مان 61 گهر جزوي ۽ 7 مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ڏانهن دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي.

” ڪي پي ۾ تباهي،150 کان وڌيڪ فوتگيون، بونير ۾ ايمرجنسي لاڳو“

ان کان اڳ، نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ترجمان ٻڌايو هو ته خيبرپختونخوا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برساتن، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ آسماني بجلي ڪرڻ جَي واقعن ۾ 150 ڄڻا فوت ٿيا آهن.

ترجمان موجب فوت ٿيلن ۾ 128 مرد، 9 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن، گلگت ۾ 5 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.

ترجمان اين ڊي ايم اي مطابق خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب حادثن ۾ 18 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن آندو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي مختلف ضلعن ۾ ٿيل نقصان جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف حادثن ۾ اڃا تائين 146 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿيا آهن۔ فوت ٿيلن ۾ 126 مرد، 8 عورتون ۽ 12 ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 12 مرد، 2 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهي.

پي ڊي ايم اي موجب حادثن ۾ 35 گهر متاثر ٿيا، جن مان 7 مڪمل طور تباهه ۽ 28 جزوي طور متاثر ٿيا، اهي حادثا باجوڙ، بٽگرام، تورغر، مانسهره، سوات، بونير ۽ شانگله ضلعن ۾ پيش آيا، سڀ کان وڌيڪ نقصان باجوڙ ۽ بٽگرام ۾ ٿيو، جتي ريسڪيو آپريشن اڃا تائين جاري آهن.

برساتن جو سلسلو 21 آگسٽ تائين جاري رهندو

ضلع بونير جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي،صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب بونير ۾ فوتگين جو انگ 91 آهي، پر ريسڪيو 1122 جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر موجب هيل تائين 157 ماڻهو فوٿ ٿيا آهن.

ريسڪيو 1122 موجب آپريشن دوران 157 کان وڌيڪ لاش ڪڍيا ويا آهن، 100 کان وڌيڪ ماڻهو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، کي بچائي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته صورتحال تمام سنگين آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهن، ڦاٿل ماڻهن تائين پهچڻ ۽ امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

بونير ضلعي ۾ وڏي تباهي بعد ايمرجنسي لاڳو

ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف قيوم ٻڌايو ته ضلع بونير ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، هيليڪاپٽرن ذريعي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته پير بابا بازار ۽ لڳ ڀڳ علائقو مڪمل طور ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، گوڪند جي هڪ مسجد شهيد ٿي وئي،جڏهن ته سوين ڍور به مري ويا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيترائي روڊ اڃا تائين بند آهن ۽ گم ٿيل ماڻهن جو صحيح انگ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ٻوڏ جو پاڻي لهڻ بعد فوتين جا درست انگ اکر پتو پئجي سگهندا.

”باجوڙ ۾ قيامت خيز منظر هئا، شهرين اکين سان تباهي ڏٺي“

باجوڙ ضلعي جي تعلقي سلارزئي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ ۽ طوفاني برساتن بعد ٻوڏ جَي ڪري 21 شهري اجل جو شڪار ٿيا، جن مان 18 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ضلعي انتظاميا موجب 3 ماڻهن جي اڃا تائين ڳولا جاري آهي، مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيل 3 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ شاهد علي موجب فوت ٿيلن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، حادثي ۾ 4 گهر تباهه ٿي ويا آهن،ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا،نقصان جو درست ڪاٿوصورتحال ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد لڳائي سگهبو

ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بند ٿي ويا هئا، ريسڪيو ٽيمون ڳري مشينري ذريعي امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور باجوڙ جي صورتحال بابت هدايتون جاري ڪيون، جنهن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ ۽ ضلعي انتظاميه جا ٻيا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا

” پاڻي گهر لوڙهي ويو، لاش به لڙهندا رهيا “

بٽگرام ۽ مانسهره جي سرحدي ڳوٺ نيل بند ۾ طوفاني برساتن بعد صورتحال خراب ٿي، خميس جي رات لڳ ڀڳ ٽين وڳي خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي، جنهن ۾ 4 گهر لڙهي ويا

ڊپٽي ڪمشنر اشتياق احمد موجب ڪلائوڊ برسٽ سبب مجموعي طور 21 ڄڻا فوت ٿيا، اهو واقعو ضلع مانسهره ۽ بٽگرام جي سرحدي علائقي ڍيري حليم ۾ پيش آيو.

ڊپٽي ڪمشنر موجب لڙهي ويل ماڻهن مان 11 ڄڻن جا بٽگرام جي اتراندي علائقي مان مليا، جڏهن ته لڙهي ويل 10 ڄڻن جي اڃا تائين ڳولا جاري آهي.

” گاڏي گهر سڀ لڙهي ويا، بچائڻ وارا پاڻ ڦاسي پيا“

مانسهره جي علائقي بسيا ۾ هڪ گاڏي ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ئي خاندان جا 6 ڀاتي سوار هئا، امدادي ٽيمن 3 ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته 2 فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

مانسهره ۾ بٽل پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڳوٺ ڍيري حليم ۾ 15 گهر لينڊ سلائيڊنگ سبب ڊهي پٽ پئجي ويا، حادثي ۾ 35 ڄڻا ملبي هيٺان دٻجي ويا.

دير لوئر جي علائقي ميدان سوري پائو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻجي ويا، ريسڪيو 1122 موجب تيز برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب رستا تباهه ٿي چڪا آهن، امدادي ڪاررواين ۾ وڏو وقت لڳي رهيو آهي.

ريسڪيو 1122 موجب ملبن ۾ دٻجي ويل ماڻهن مان 7 ڄڻن کي بچايو ويو، 5 فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻِن زخمين جي حالت خراب آهي.

شانگله ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس موجب تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب ضلعي ۾ 23 ماڻهو فوت ۽ 8 زخمي ٿيا آهن، 7 گهر، هڪ مسجد ۽ هڪ اسڪول تباهه ٿي ويا آهن.

سوات ۾ به طوفاني برساتن سبب دريائن ۽ واهن ۾ چاڙهه سبب عورت ۽ ٻارن سميت 13 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 گم۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

سوات جي علائقي منگلور بيش بنڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻارن سميت 8 ماڻهو فوت ٿيا، جن مان 5 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، مٽه ۾ 3 ڄڻا پاڻي وهڪرن ۾ لڙه ويا، ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مختلف حادثن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو لڙهي ويا، ملبي هيٺان دٻجي ويا يا گم آهن.

” پاڪ فوج جو فلڊ رليف آپريشن جاري “

طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جو فلڊ آپريشن جاري آهي، ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  سوات ۽ باجوڙ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو فلڊ رليف آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج جون ٽيمون متاثر ضلعن ۾ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

باجڙ ۾ هيليڪاپٽر ذريعي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته راشن ۽ دوائن جي فراهمي به هيليڪاپٽر وسيلي ڪئي پئي وڃي، پاڪ فوج جي ٽيمن کي ڏسي پاڪ فوج زنده باد نعرا به هنيا ويا.

پاڪ فوج طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته سڀني ٻوڏ متاثرن کي بحفاظت ريسڪيو ڪرڻ ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو.

” ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻيو: وزير اعظم جي هدايت “

وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سان رابطو ڪري، ٻوڏ واري صورتحال ۾ امدادي ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو آهي ته متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بچاءُ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ خيبرپختونخوا حڪومت سان گڏجي امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

” علي امين گنڊاپور پاران سوڳ جو اعلان، متاثرن لاءِ رقم جاري “

وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، ٻوڏ جي تباهڪاريءَ تي سڀاڻي صوبي ۾ سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ قومي پرچم سرنگون رهندو. ٻئي پاسي وزيراعليٰ خيبرپختونخوا بارشن ۽ فليش فلڊ سبب متاثر ضلعن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن۔

پي ڊي ايم اي موجب، انهي رقم مان بونير کي 15 ڪروڙ، ضلع باجڙ، بٽگرام ۽ مانسهره کي 10–10 ڪروڙ ۽ سوات کي 5 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں