شڪي ماڻھن جي 3 مھينن لاءِ گرفتاريءَ جا اختيار ڏيڻ وارو بل منظور

فہرستِ مضامین

قومي اسيمبلي آرمڊ فورسز يا سول آرمڊ فورسز کي  ٽن مھينن لاءِ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

قومي اسيمبلي ۾ دھشتگردي ٽوڙ ترميمي بل 2024 جي شق وار منظوري ڏني وئي، بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ سيد نويد قمر جي تجويز ڪيل ترميمن سان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.

بل تحت سيڪشن 11 فور اِي جي ذيلي شق ھڪ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ترميم تحت ھٿياربند فوجون يا سول آرمڊ فورسز، ڪنهن به شخص کي حفاظتي حراست ۾ رکڻ جون مجاز هونديون.

بل ۾ تجويز ڪيل نئين قانون تحت سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سلامتي، دفاع، امن امان، ڀنگ لاءِ اغوا يا ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙن واقعن ۾ ملوث شڪي ماڻھن کي ٽن مھينن تائين حراست ۾ رکي سگھنديون.

سنگين ڏوھن ۾ ملوث ماڻھن کي 3 مھينن تائين حراست ۾ رکي سگھبو

ترميم تحت انهن ڏوهن ۾ ملوث شخص جي حراست جي مدي ۾ آرٽيڪل 10 تحت 3 مهينن تائين واڌ ڪري سگھبي، حراست ۾ ورتل شخص خلاف جاچ ھڪ گڏيل جاچ ٽيم ڪندي.

واڳيل جاچ ٽيم ايس پي رينڪ جي پوليس آفيسرن، ڳجھن ادارن، سول آرمڊ فورسز، ھٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي نمائندن تي ٻڌل ھوندي.

دھشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نويد قمر جون تجويز ڪيل ترميمون بھ شامل ڪيون ويون، نويد قمر پاران شق 11 فور اِي جي ذيلي شق 2 ترميم پيش ڪئي وئي.

پڪين شاھدين کانسواءِ گرفتاري نه ڪئي ويندي

ترميم موجب بل مان معقول شڪايت، معتبر اطلاع ۽ معقول شڪ شبھي جھڙا لفظ ڪڍي انھن جي جاءِ تي ٺوس شاھدين لفظ شامل ڪيا ويا.

ترميمي بل جي متن ۾ چيو ويو آھي تھ ٺوس شاھدين کانسواءِ ڪنهن به شخص کي حراست ۾ نه وٺي سگھبو.

مخالف ڌر پاران دھشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل پيش ڪرڻ واري رٿ جي مخالفت ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي عاليھ حمزھ چيو تھ بل 11 آگسٽ تي پيش ڪيو ويو آھي، ان جي منظوري لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو پئي ڪئي وڃي؟

مولانا فضل الرحمان پاران مخالفت

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دھشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم واري بل جي سخت مخالفت ڪئي.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ تڪراري قانونسازي ذريعي پاڪستان جي هر شهريءَ کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي.

جي يو آءِ سربراھھ چيو تھ حڪومت ھاڻي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پڇاڳاڇا کانسواءِ گرفتار ڪري سگهي ٿي، ان ماڻهوءَ کي پنهنجي بي گناهي پاڻ ثابت ڪرڻي پوندي.

هن وڌيڪ چيو تھ اڄ پاڪستان جو هر شهري مجرم بڻايو ويو آهي، حڪومت يا ادارا ڪنهن به وقت ڪنهن به شهري کي حراست ۾ وٺي سگھن ٿا، اسان ھن بل جي حمايت نھ ٿا ڪيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں