نو مئي ڪيس: سزا ٻڌايل پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو به حڪم

فہرستِ مضامین

لاھور (ويب ڊيسڪ) لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي ٻن ڪيسن ۾ سزا ٻڌايل پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم بھ ڏنو آھي ۽ شاھ محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم بھ جاري ڪيو ويو آھي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي لاھور جي شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ سميت ڀڃ ڊاھ جي ٻن ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن ٻڌايل فيصلي جا اڄ وڌيڪ تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

اي ٽي سي گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي کي ٻنهي ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو هو، اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

عدالت پوليس اسٽيشن کي باهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته عائشه ڀٽھ کي پوليس جي گاڏين کي باهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

22 جولاءِ تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بھ ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود رشيد، اعجاز چوڌري ۽ سرفراز چيما کي شيرپائو پل کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاھ جي ٻن ڪيسن ۾ 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت  شاهه محمود قريشي ۽ حمزه عظيم سميت 6 جوابدارن کي ٻنھي ڪيسن مان آجو قرار ڏنو ھو.

22 جولاءِ تي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بھ 9 مئي 2023 تي ميانوالي ۾ احتجاج جي ڪيس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد ڀچر ۽ ٻين جوابدارن کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.

عدالت ملڪ احمد خان ڀچر۽ ايم اين اي احمد چٺا سميت 32 پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.

نو مئي جي واقعن ۽ ڪيسن جو پسمنظر

9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪرڻ کانپوءِ، پي ٽي آءِ پاران ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو ھو.

ان دوران 9 مئي تي لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي ۾ مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي ساڙڻ کانسواءِ فوجي، سول ۽ خانگي ٺڪاڻن کي باھيون ڏنيون ويون ھيون ۽ سرڪاري توڙي نجي ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو ھو.

9 مئي تي پرتشدد مظاھرن، وڳوڙن ۽ پوليس توڙي سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 290 زخمي ٿي پيا ھئا.

مظاهرين لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه، جنهن کي جناح هائوس به چيو ويندو آهي، تي به حملو ڪيو  ويو ۽ راولپنڊي ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر (GHQ) جو هڪ دروازو به ٽوڙيو ويو.

پرتشدد واقعن بعد سڄي ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي، ڀڃ ڊاهه ۽ باهه لڳائڻ ۾ ملوث 1900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته عمران خان ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس بھ داخل ڪيا ويا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں