حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري
نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تھ نئين مالياتي ايوارڊ لاءِ جلد اجلاس سڏايو وڃي.
اسان صوبائي حڪومتن کي ذميواريون تھ ڏياريون پر اين ايف سي ايوارڊ اھو ئي آھي.
حيدرآباد ۾ خان بهادر حسن علي آفندي پارڪ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي صوبن جا حق ڏيڻا ئي پوندا، اسان چاهيون ٿا ته نئين مالي ايوارڊ (اين ايف سي) لاءِ فوري طور تي اجلاس سڏايو وڃي.
ھن چيو تھ آئين موجب هر 5 سالن کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻو ھوندو آھي، وفاقي حڪومت پنھنجي ناڪامين جو بار صوبن تي نھ وجھي.
بلاول چيو تھ ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي جا ھدف ماڻڻ ۾ ناڪامي جا ذميوار صوبا نھ آھن، اھا وفاقي حڪومت ۽ ايف بي آر ھلائيندڙن جي ناڪامي آھي، ارڙھين ترميم تحت ذميوارين سان گڏ صوبن کي وسيلا بھ منتقل ٿيڻ گھرجن.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو تھ صوبن کي سندن حق ڏيڻا پوندا، ايف بي آر پاران ٽيڪس اوڳاڙيون نھ ڪري سگھڻ جي سزا صوبن کي نھ ملڻ گھرجي.
هن چيو ته صوبن کي انهن جا حق ڏيڻا پوندا. بلاول ڀٽو چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران ٽيڪس اوڳاڙيون نھ ڪري سگھڻ جي سزا صوبن کي نه ملڻ گهرجي.
سنڌو درياھ پاڪستان جي لائيف لائين آھي
بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ مودي سرڪار سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ جي اعلان کان پٺتي نھ پئي ھٽي، پر سنڌو طاس معاهدي تحت، ڀارت کي پاڪستان کي سندس جائز حصي جو پاڻي ڏيڻو پوندو.
بلاول ڀٽو چيو ته پاڻيءَ جي معاملي تي سنڌ جا ماڻھو منھنجو ساٿ ڏين، سڀني پاڪستانين کي ان تي آواز اٿارڻ گهرجي، هي لکين ماڻهن جي زندگين جو سوال آهي.
ھن چيو تھ پاڻي جي عالمي کوٽ کي نظر ۾ رکندي، اسان کي زراعت لاءِ سڀ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، جن ۾ ڊريپ ايريگيشن بھ شامل آهي. جديد طريقن کي اپنائڻ سان ئي اسان پاڻي بچائي سگهون ٿا.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته حڪومت يا ڪنهن به سياسي پارٽي 27 هين آئيني ترميم لاءِ اسان سان رابطو نه ڪيو آهي. 27 هين ترميم جون افواهون گردش ڪري رهيون آهن.
ھن چيو تھ حڪومت ھيل تائين هڪ سياسي جماعت طور اسان سان ان معاملي تي ڪا بھ مشاورت نھ ڪئي آھي.
گڏيل قومن مان به بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي دھشتگرد قرار ڏيارينداسين
بلاول ڀٽو آمريڪا پاران بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ واري قدم جي آجيان ڪئي ۽ چيو تھ اھا پاڪستان جي موقف جي فتح آھي.
ھن چيو تھ دهشتگرد تنظيمون عوام کي نشانو بڻائين ٿيون، اسان جي ڪوشش ھوندي تھ انھن کي گڏيل قومن مان به دھشتگرد تنظيمون قرار ڏياريون، اهي تنظيمون مزدورن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائين ٿيون.
بلاول ڀٽو چيو تھ بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ تازو پاڪ-ڀارت جنگ دوران بھ مودي جي حمايت جو سرعام اعلان ڪيو ھو.
بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ اين جي اوز جي مدد سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سموري سنڌ ۾ لکين خاندانن کي گھر ٺاھي ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته هي منصوبو ڪرپشن کان پاڪ ۽ ايترو شفاف ۽ ڊجيٽلائيزڊ آهي جو ڪير به ان کي آن لائن چيڪ ڪري سگهي ٿو. هي منصوبو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي روٽي، ڪپڙا اور مڪان جي خواب پٽاندڙ آھي.
حيدرآباد ۾ به هڪ ايئرپورٽ هجڻ گهرجي
پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر ۾ هڪ ايئرپورٽ هجڻ گهرجي، پر اهو وفاق جو ڪم آهي. سنڌ ۾ پراڻا ايئرپورٽ بند ڪيا ويا آهن، وزيراعظم سان حيدرآباد ۾ بين الاقوامي ايئرپورٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندس.
بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ايئرپورٽ نھ ٺاھي ڏنو تھ پوءِ سيالڪوٽ جيان اسان حيدرآباد ۾ ھوائي اڏو ٺاھڻ بابت غور ڪنداسين.
هن چيو ته رنگ روڊ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد جي ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. پهريون ڀيرو، اسان حيدرآباد ۾ تيز رفتار ترقي ڏسي رھيا آھيون.
بلاول ڀٽو چيو تھ ماضي ۾ مختلف سياسي پارٽين جون صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون ھئڻ سبب حيدرآباد ۾ ترقي نھ ٿي سگھي.
بلاول ڀٽو چيو ته ماضي ۾، ڪجهه سياسي پارٽيون عوامي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ بدران نفرت پکيڙڻ جو ڪم ڪنديون رهيون آهن، پر عوام مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائي اسان تي فرض بڻايو آهي ته کين سھولتون فراھم ڪيون.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هو حيدرآباد جي ميئر ۽ سندس ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، جنھن عوامي مفاد جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪرايا.
بلاول ڀٽو چيو تھ ايندڙ ٻن سالن ۾ حيدرآباد ۾ وڌيڪ منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ اسان هتي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهنداسين.