گلگت ۾ لينڊسلائينڊنگ، 7 رضاڪار ملبي ۾ دٻجي فوت، 6 زخمي

فہرستِ مضامین

گلگت بلتستان جي شھر دينور ۾ ڪم ڪرڻ دوران لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان دٻجي 7 رضاڪار فوت ٿي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

7 ئي رضاڪار ان وقت ملبي ھيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، جڏھن ھو پنھنجي مدد پاڻ تحت ھاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ تباھھ ٿيل واٽر چينل جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رھيا ھئا.

گلگت بلتستان جي اختيارين موجب حادثو رات جي وقت پيش آيو، جنھن کانپوءِ امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون ھيون. مجموعي طور 13 رضاڪار ملبي ۾ دٻجي ويا ھئا، جن مان 6 ڄڻن کي بچايو ويو.

نوجوان علائقي جو ٽٽي پيل واٽر چينل ٺاھي رھيا ھئا

دينور ۾ گذريل مھيني دينور نالي ۾ ٻوڏ جو وھڪرو اچڻ سبب علائقي کي نقصان پھتو ھو ۽ پاڻيءَ جي فراھمي وارو ھڪ چينل بھ تباھھ ٿي ويو ھو، جنھن سان علائقي ۾ پيئڻ واري پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي پئي ھئي.

ميڊيا رپورٽس موجب علائقي جي نوجوانن رضاڪاراڻھ طور گڏجي ان واٽر چينل جي بحاليءَ واري ڪم جو منصوبو ٺاھيو ھو. رضاڪارن ڏينھن جي بدران رات جي وقت ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ تھ ڏينھن جي وقت سخت گرمي ھئي.

واقعي جي اکين ڏٺن شاھدن موجب نوجوان رضاڪار پاڻيءَ جي چينل تي ڪم ڪري رھيا ھئا تھ اوچتو لينڊسلائيڊنگ سبب سندن مٿان ملبو اچي ڪريو، جنھن ۾ ھو دٻجي ويا.

گلگت بلتستان سرڪار جو موقف

گلگت جي ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي ترجمان ٻڌايو تھ فوت ٿي ويل نوجوانن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي بعد فوتي نوجوانن جا مڙھھ وارثن حوالي ڪيا ويا.

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض اللھ فراق پنھنجي بيان ۾ چيو  تھ مزدورن جو ڪل تعداد 15 ھو جيڪي پاڻيءَ جي چينل جي مرمت جو ڪم ڪري رھيا ھئا، جن مان 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل 7 ئي رضاڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن  بعد علائقي واسين حڪومت خلاف احتجاج بھ ڪيو، ھنن حڪومت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو تھ سرڪار واٽر چينل جي مرمت ڇو نھ ڪرائي.

علائقي واسين جي حڪومت تي ڪاوڙ

گلگت بلتستان جي اڳوڻي وزير محمد اقبال جي قيادت ۾ علائقي جي ماڻھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ حڪومت بار بار خاطريون ڪرائڻ باوجود متاثر ٿيل پاڻيءَ جي فراھمي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي.

علائقي واسين ٻڌايو تھ مقامي ماڻھن عارضي طور پائيپ لائينز ذريعي پاڻيءَ جي فراھمي بحال ڪئي ھئي پر بعد ۾ آيل ٻوڏ ان کي ٻيھر تباھھ ڪري ڇڏيو، حڪومت پاران ان جو مرمتي ڪم شروع ئي نھ ڪرايو ويو.

مظاھرين مطالبو ڪيو تھ علائقي کي پاڻي جي فراھمي واري ڪاٽا ٿيل لائين ۽ واٽر چينل ٻيھر بحال ڪيو وڃي، ھنن چيو تھ حڪومت فوري قدم نھ کنيا تھ پوءِ وڏي احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان دينور نالي جي واقعي ۾ 7 جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس ظاھر ڪندي فوتي رضاڪارن جي وارثن لاءِ معاوضن جو اعلان ڪيو ۽ چيو تھ پاڻيءَ جي فراھمي جلد بحال ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں