لاھور (ويب ڊيسڪ) لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي 2 ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي شاھ محمود قريشي کي آجو ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ ياسمين راشد سميت 4 اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آھي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ھڪ ڪيس بيڪري ٻاھران گاڏيون ساڙڻ ۽ ٻيو شادمان ٿاڻي کي باھ ڏيڻ جو آھي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد 9 آگسٽ تي ڪيسن جو فيصلو محفوظ ڪيو ھو.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٻنھي ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، ميان محمود رشيد ۽ اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا
عدالت ساڳين ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر عاليھ حمزھ ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي، عاليھ حمزھ ۽ صنم جاويد ٻنھي ڪيسن ۾ ضمانت تي آھن.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ٻنھي ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاھ محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو آھي، ان کان اڳ بھ عدالت ثبوت نھ ملڻ جي بنياد تي شاھھ محمود قريشي کي ٻن ڪيسن مان بري ڪيو ھو.
سپريم ڪورٽ دھشتگردي ٽوڙ عدالتن کي 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي مڪمل ڪري انھن ڪيسن جو فيصلو چئن مھينن اندر ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ھو.
نو مئي جي ٻن ڪيسن ۾ سزائون ٻڌايون ويون
22 جولاءِ تي لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت شيرپائو پل تي ڀڃ ڊاھ واري ڪيس ۾ بھ ياسمين راشد، ميان محمود رشيد، اعجاز چوڌري ۽ سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي، شاھ محمود قريشي کي آجو قرار ڏنو ويو ھو.
22 مئي تي سرگوڌا جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي 2023 تي ميانوالي ۾ احتجاج واري ڪيس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر احمد بڇر ۽ ٻين جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.

سرگوڌا جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي ايم اين اي احمد چٺا سميت 32 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي. سزا ٻڌايلن تي پرتشدد احتجاج، ڀڃ ڊاھ ۽ ٻيا سنگين الزام لڳايا ويا ھئا.
نو مئي واقعو ڇو ٿيو؟
9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو ھو.

9 مئي تي لاھور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ نوازليگ جي آفيس کي ساڙڻ کانسواءِ فوجي، سول ۽ نجي ٺڪاڻن ۽ جڳھن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو ھو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي شديد نقصان بھ پھچايو ويو ھو.
9 مئي تي پرتشدد مظاھرن ۽ وڳوڙن دوران گھٽ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 290 زخمي ٿي پيا ھئا.
مظاھرين پاران لاھور ۾ ڪور ڪمانڊر ھائوس جي رھائشگاھ تي بھ چڙھائي ڪئي وئي ھئي، جنھن کي جناح ھائوس بھ چيو ويندو آھي، مظاھرن دوران راولپنڊي ۾ جي ايڇ ڪيو جي ھڪ گيٽ به ٽوڙي وئي ھئي.
9 مئي جي واقعن بعد سموري ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان چڪرين ۽ ڀڃ ڊاھ ۾ ملوث 19 سئو ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ عمران خان ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف بھ ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا.