پي ٽي آءِ جون ڏکيائيون ختم نه ٿيون، اپوزيشن ليڊر سميت اھم عھدا کسجي ويا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ( ويب نيوز ) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت ڪيترن ئي اهم عهدن کان محروم ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

 جيئن جيئن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي تاريخ ويجهو اچي رهي آهي، تيئن تيئن پي ٽي آءِ لاءِ سياسي ڏکيائيون به وڌي رھيون آھن.

اڳوڻو وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان 5 آگسٽ 2023 کان جيل ۾ قيد آھي، کيس توشه خانه جي تحفن بابت ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي ھئي، عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ بھ قيد آھي، ان کان علاوھ مٿس 9 مئي 2023 تي پيش آيل پرتشدد واقعن کانپوءِ دھشتگردي جا مختلف ڪيس به ھلي  آھن.

پي ٽي آءِ هڪ پاسي عمران خان جي آزادي لاءِ روڊن تي احتجاج ڪري رهي آهي، ته ٻئي پاسي اسيمبلين ۾ به سندن ميمبر آواز بلند ڪري رهيا ھئا پر لڳي نٿو تھ پي ٽي آءِ ھاڻي اھڙي نموني پارليامينٽ ۾ آواز اٿاري سگھندي، جيئن اڳ ۾ اٿاريندي رھي آھي، ان جو ڪارڻ اھم اڳواڻن جي نااھلي آھي.

هڪ پاسي عدالتن پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي سزائون ٻڌايون آهن، ته ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ انهن جا ميمبر اهم عهدن تان هٽايا ويا آهن.

اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي

قومي اسيمبليءَ ۾ عمر ايوب کي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان هٽايو ويو آهي، اسيمبلي سيڪريٽريٽ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ان سان گڏ زرتاج گل جو پارلياماني ليڊر ۽ احمد چٺه جو ڊپٽي پارلياماني ليڊر جو عهدو به ختم ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ کان اپوزيشن ليڊر جو چيمبر به واپس  ورتو آھي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ضابطن مطابق نااهل ميمبرن کي آگاھھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ مشاورت پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي.

اسپيڪر نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ مشاورت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، پي ٽي آءِ جي آزاد حيثيت وارا ميمبر وري نوان نالا پارلياماني عهدن لاءِ ڏيندا.

پي ٽي آءِ کان اھم ڪميٽيز به کسجي ويون

عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ فنانس ڪميٽيءَ مان به هٽايو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي نااهل ٿيل 7 ميمبرن کان 15 مختلف  اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي رڪنيت واپس ورتي وئي آهي.

صاحبزاده حامد رضا کان انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ واپس ورتي وئي، زرتاج گل انساني حقن واري ڪميٽيءَ جي  ميمبرشپ کان به محروم ٿي وئي، ان کان علاو راءِ حسن نواز کان ريلويز واري وزارت جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ واپس ورتي وئي،

پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سزائون

واضح رھي تھ فيصل آباد جي دهشتگردي مخالف عدالت 9 مئي 2023 جي واقعن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن سميت 108 ڪارڪنن کي قيد جون سزائون ٻڌايون ھيون.

قومي اسيمبليءَ جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، پارلياماني ليڊر زرتاج گل، سينيٽ ۾ اپوزـشن ليڊر شبلي فراز، سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا
کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون ويون.

ھي سزائون  فيصل آباد ۾ حساس اداري جي آفيس تي حملي واري ڪيس ۾  ڏنيون ويون، 185 ماڻھن تي فيصل آباد ۾ حساس اداري جي آفيس تي حملي جو الزام ھو، جن مان 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي.

ان کان اڳ، 22 جولاءِ تي سرگوڌا ۽ لاهور جي عدالتن به پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ احمد خان بڇر، ايم اين اي احمد چٺه، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي سزائون ٻڌايون ويون ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں